ڀارتي بحريه جو جهاز ڪري تباهه، ٻه نيوي اهلڪار فوت

نئين دهلي: :ڀارتي بحريه جو بنا انچڻ وارو جهاز  تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾  جهاز ۾ سوار 2 نيوي اهلڪار فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب گلائيڊر جهاز معمول جي اڏام تي هو ته ڪيراله ۾ ڪوچي جي هنڌ تي ڪري تباهه ٿي ويو. حادثو ڀارت جي مقامي وقت صبح جو 7 وڳي پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ پائلٽن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال انتظاميه ٻنهي نيوي اهلڪارن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. انتظاميه جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پائلٽ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪا هئا. ڀارت جي سدرن نيول ڪمانڊ حادثي جي بورڊ آف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو اهي. ان کان علاوه ڀارتي فضائيه جا جهاز به حادثن جو  شڪار ٿيندا رهيا آهن. مئي 2020 ۾ ڀارتي ايئرفورس جو جهاز مگ 29 تربيتي اڏام جي دوران جالندهر جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو هو. 2018 کان پوءِ ڀارتي ايئرفورس جو 13 جهاز ڪري تباهه ٿي چڪو آهي. گذريل سال فيبروري ۽ مارچ جي دوران ڀارتي فضائيه جا گڏيل طور 10 جنگي جهاز تباهه ٿي ويا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب اربين ماليت جي جهازن ۾ چار فني خرابين سبب پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه ٿي ويا جڏهن ته 2 پاڪستاني فضائيه  ڪيرايا هئا.

Read Previous

ڪراچي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: نو شادي هال ۽ هڪ سئو اوڻهٺ هوٽلون سيل

Read Next

مسجد الحرام ۾ اڄ کان مرحليوار عمري جي ادائيگي شروع ٿي وئي

Most Popular