مسجد الحرام ۾ اڄ کان مرحليوار عمري جي ادائيگي شروع ٿي وئي

رياض: سعودي حڪومت عمري ۽ زيارت تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، اڄ کان مسجدالحرام ۾ عمري جي ادائيگي مرحليوار شروع ٿي وئي آهي. سعودي عرب ست مهينن بعد مرحليوار عمري جي ادائيگي جي اجازت ڏني آهي، عمري جي اجازت ٽن مرحلن ۾ ڏني وئي آهي، شاهي فرمان موجب ايس او پيز تحت پهريون مرحلو 4 آڪٽوبر يعني اڄ کان شروع آهي جنهن ۾ 6 هزار سعودي شهري ۽ اتي موجود پرڏيهي ماڻهو عمري جي سعادت حاصل ڪندا. ٻئين مرحلي ۾ 18 آڪٽوبر کان روزانو 15 هزار معتمرين کي عمري جي اجازت ڏني ويندي، پهرين نومبر کان ٽئين مرحلي ۾ ملڪ کان ٻاهر روزانو 20 هزار زائرين عمري جي سعادت لاءِ اچي سگهندا،جڏهن ته سٺ هزار ماڻه، کي مسجدالاحرام ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي. ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب هلندڙ سال مارچ ۾ سعودي حڪومت عمري جي ادائيگي تي پابندي هڻي ڇڏي هئي.

Read Previous

ڀارتي بحريه جو جهاز ڪري تباهه، ٻه نيوي اهلڪار فوت

Read Next

سشانت سنگهه جي فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي، اهم انڪشاف

Most Popular