جيڪب آباد : آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي نئي ڪميٽي جوڙي وئي

جيڪب آباد(رپورٽ مھتاب احمد دشتي) آزاد ميڊيا پريس ڪلب جيڪب آباد جي ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ پريس جي باڊي چيئرمين رضا محمد دشتي ختم ڪري چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي. عبدالغفور جتوئي کي انٽرنيشل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ ۾ ضلعي آرگنائيزر جيڪب آباد ۽ نديم لاشاري کي ڊسٽرڪٽ رپورٽر چڻنگ مقرر ٿيڻ تي آزاد ميڊيا پريس ڪلب جيڪب آباد طرفان مبارڪ باد ڏيندي گلن جا ھار پھرايا ويا. تفصيل موجب جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي آئين ۽ لا مطابق سال مڪمل ڪرڻ تي باڊي کي ختم ڪري نئين  باڊي جي سليڪشن ڪرڻ تائين چار رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪي پريس ڪلب آزاد ميڊيا جي نئين سليڪٽ ٿيل باڊي جي اچڻ تائين رهندي. آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي بهتري لاء ڪم ڪندي ۽ ان  ۾ چئيرمين رضا محمد دشتي ايندڙ باڊي جي سليڪشن تائين پريس جي چيئرمين طور ڪم سر انجام ڏيندو. چيئرمين رضا محمد دشتي چار رڪني ڪاميٽي به جوڙي ڇڏي جنهن ۾ ڪاميٽي جو اڳواڻ سربراه ممتاز گل بلوچ ۽ ميمبر عبدالغفور جتوئي, نديم خان لاشاري ۽ نواب علي لانگاه جن کي مقرر ڪيو ويو اڄ کان پوء جون زميواريون چيئرمين سڀاليندو ۽ باڊي سليڪشن ڪرائڻ تائين.  باڊي سليڪشن چيئرمين ڪرائيندو ۽ ان دوران سڀني ميمبرن ۽ سابقه عهديدارن ۾ صدر نواب علي لانگاه, نائب صدر ممتاز گل بلوچ, جنرل ۔س حسين هانڀي, ڊ۔ڄ۔س۔نديم لاشاري, انفارميشن ۔ س ۔ عبدالغفور جتوئي, عبدالباقي,عبدالنبي کوسو, اي۔جي ۔ ٻرڙو,جان محمد مستوئي ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي, جنهن ۾ سڀني چيئرمين جي حڪم جو تائيد ڪندي اڪثريت سان فيصلو قبول ڪيو ويو آھي.

Read Previous

بوزدار وڏا: سماجي اڳواڻ شهناز شيخ بااثر خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

ٺري ميرواهه: الاهي بخش سومرو ۾ سومرا برادري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن

Most Popular