سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف شاھنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، رستم شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته عمران خان جي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي قبضي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته آئيني ۽ قانوني طور سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ انھن تي ماھيگيرن جو تاريخي حق آھي، ھنن چيو ته هن شيطاني منصوبي جي ڪري مقامي ماهيگير برادري جي زندگين ۽ معيشت تي انتهائي منفي اثر ٿيندا ۽ ان منصوبي تحت لڳ ڀڳ 8 لک مهاڻا پنهنجي تاريخي روزگار مان بيدخل ٿي غربت، بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا، ھنن چيو ته ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي قبضي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 11 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا، ھنن مطالبو ڪيو ته اهڙي قسم جا غير آئيني قدم کڻڻ کا پرهيز ڪئي وڃي ۽ انهن ٻيٽن تي ماهيگيرن جا حق تسليم ڪندي انهن تي ڪنهن به قسم جي اڏاوت تي پابندي لڳائي وڃي.

Read Previous

دادو سنڌ هاڪي ايسو سي ايشن پاران سنڌ انڊر 25 انٽر ڊسٽرڪٽ ھاڪي چيمپيئن اڄ ٽئين ڏينهن به هاڪي جي راند جاري رهي

Read Next

نوابشاهه : ڳوٺ غازي خان هوت واسي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، انصاف جي اپيل

Most Popular