نوابشاهه : ڳوٺ غازي خان هوت واسي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، انصاف جي اپيل

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) نوابشاهه ڪلب ٻاهران ڳوٺ غازي خان ھوت جي رھواسڻ عورت مسمات شهناز زال بلاول سومرو تعلقي پوليس ۽ رشتيدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته ھڪ سال اڳ مون پنھنجي نياڻي مھناز جو رشتو ڌارين ۾ ڪرڻ تي منھنجا عزيز قادر بخش، موسيٰ، ببلو، رياض ۽ وسيم ھر وقت اسان جي گھر ۾ گھڙي اسان تي تشدد ڪن ٿا، ھن چيو ته بااثرن جي پٺڀرائي ھجڻ جي ڪري منھنجي پٽن کي گرفتار ڪرائن ٿا، جڏھن ته ھن وقت منھنجا ٻه پٽ علي محمد ۽ امان الله تعلقي ٿاڻي تي لاڪپ آهن، ھن چيو ته مان پوليس وٽ وڃي وڃي ٿڪجي پئي آھيان ليڪن پوليس منھنجي ڪابه مدد نٿي ڪري، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Read Next

ميهڙ: ڊي ايس پي غلام محمد سان واپارين ۽ مذهبي جي اڳواڻ جي ملاقات

Most Popular