ميهڙ: ڊي ايس پي غلام محمد سان واپارين ۽ مذهبي جي اڳواڻ جي ملاقات

ميھڙ رپورٽر( ميھڙ) ڊي ايس پي ميھڙ غلام محمد  جي آفيس ۾ ميھڙ جي واپارين  مذهبي اڳواڻن وڪيلن ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻن ۽ صحافين کي امن امان بابت ايس ايچ او غلام رسول پنهور جي موجودگي ۾ بريفنگ ڏني وئي، معزز شھرين ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ميھڙ شھر ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي.اسان شھرين کي امن امان جي سخت ضرورت آهي ھنن چيو تہ لنڪ روڊن رستن تي پڪٽون قائم ڪيون وڃن تہ ڏوھاري انھن روڊن تان اچي وڃي نہ سگھن ۽ شهر جي مين چوراهن چوڪن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن،ويزه تي ويل پوليس اهلڪارن کي واپس ڪرڻ سان گڏ ميهڙ پوليس نفري وڌائي وڃي ۽ بي سيڪشن ٿاڻو مستقل ڪري اي ايس پي به ميهڙ کي ڏنو وڃي، ڊي ايس پي ميھڙ غلام محمد چنہ ۽ ايس ايڇ او رسول بخش پنھور شھرين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان وٽ پوليس جي نفري ٿوري آھي توھان شھرين جو موقف اسان ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ وٽ پھچائينداسين پوليس جي نفري وٺنداسين ۽ توھان کي پڪيٽون مڪمل ڪري  پوليس جو گشت شھر ۾ وڌايو ويندو. توھان شھرين کي گھرجي ته مک روڊن رستن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳرائڻ ۾ تعاون ڪيو ته جيئن قانون کي ڏوھاري ھٿ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ پيٽرول پمپن وارا يا صرافا بازار وارا بہ پنھنجن دڪانن تي  سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳارائن، جڏهن ته هوٽلن تي ڇاپا هڻڻ ۾ اسان مقصد اسان جي پريڪٽس ڏوهاري هٿ ڪرڻ جي ۽ اسان جيڪي هوٽلن تان گرفتاريون ڪيون هيون انهن جي ويريفڪيشن ڪري سڀني کي آزاد ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ان موقعي تي بريفنگ ۾ پير آف ميهڙ سيد محمد شاه رضوي نياز علي ٻرڙو مولوي ذهين مگسي ياسين اشرفي مولوي مسعود پنهور محمد علي ڪانڌڙو ذوالفقار کوکر اصغر کوسو منور جتوئي سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جو صدر ايم ڊي منير لاشاري باني الاهي بخش چانڊيو سينيئر نائب صدر عبدالحميد کوسو ميهڙ پريس ڪلب جو صدر نياز ڀٽي ايوان صحافت جو اڪبر ڪانڌڙو مهراڻ ٽي وي جوعيوضي رياض چانڊيو سجاد چانڊيو عبدالستار چنو سڪندر سوڍر عبدالحميد سومرو لياقت ڏيپر عبدالخالق شيخ گل حسن شيخ دليپ ڪمار نانڪ رام سميت درجنين شھرين شرڪت ڪئي.

Read Previous

نوابشاهه : ڳوٺ غازي خان هوت واسي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، انصاف جي اپيل

Read Next

سکر: ڳوٺاٺ عبدالستار ماڪو جا رهواسين پاران قبضا مافيا خلاف احتجاج

Most Popular