سکر: ڳوٺاٺ عبدالستار ماڪو جا رهواسين پاران قبضا مافيا خلاف احتجاج

سکر( بيورو رپورٽ  )   پوليس جي سرپرستي ھيٺ قبضا مافيا سرگرم ڪيترن ئي غريبن جي خالي پلاٽن تي قبضا ڪري ڇڏيا متاثر ڳوٺاڻن  قبضا مافيا  ۽ سکر پوليس خلاف سکر جي ڳوٺ عبدالستار ماڪو جي رھواسين  پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھيون ان موقعي قربان ماڪو  عبدالرحمان  غلام شبير رحمت الله ۽ ٻين مظاھري دوران دانھيندي ٻڌايو ته مھر برادري سان تعلق رکندڙ ظفرالله  مھر محسن مھر پوليس جي سرپرستي ھيٺ اسان جي رھائشي خالي پلاٽن تي قبضا ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته قبضا مافيا جو مک سرپرست سائيٽ پوليس جو  ڊي ايس پي عبداستار ڦل ڪري رھيو آھي جيڪڏھن قبضا مافيا سان ڪو جيھڙو ٿئي ٿو ته ڊي ايس پي سائيٽ  جوابدان مٿان ڪاروائي ڪرڻ بدران فريادن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيو آھي پوليس جي سرپرستي قبضا مافيا کان بچايو وڃي  ھنن  ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کان مطالبو ڪيو ته  قانون جو رکوالو ڊي ايس پي  سائيٽ عبدالستار ڦل  قبضا مافيا جو سپرست بڻيل آھي اسان جي پلاٽن تي قبضا ڪرائي رھيو آھي ھنن مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا ۽ ڪرپٽ راشي ڊي ايس پي  سائيٽ  عبدالستار ڦل خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي پلاٽن تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

ميهڙ: ڊي ايس پي غلام محمد سان واپارين ۽ مذهبي جي اڳواڻ جي ملاقات

Read Next

مورو درگاهه محمد علي تي زمين تي قبضي خلاف 145 ڏينهن به احتجاج

Most Popular