مورو درگاهه محمد علي تي زمين تي قبضي خلاف 145 ڏينهن به احتجاج

مورو (محمد انيس ڪلھوڙو ) مورو ۾ درگاھ محمد علي پير رح جي زمين تي قبضو ڪرن قبرون مسمار ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف درگاھ جي گادي نشين پير خير محمد صديقي پاران پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏمورو پريس ڪلب آڏو 145  ڏينهن به رات ڏينهن بک هڙتال جاري رکي جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته با اثر ماڻهن قبضا ڪري قديمي قبرستان جون قبرون ڊاهي واٽر ڪورس ٺهرائي ڇڏيو آهي ڪڇڻ تي مون کي منهنجي ٻچن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون انصاف لاء سرڪار جا دروازا کڙڪايم پر ڪوب تدارڪ نه ٿيو جنهن ڪري مان پريس ڪلب تي بک هڙتال تي ويٺل آهيان 145  ڏينهن گذري ويا آهن ڪوب تدارڪ نه ٿي رھيو آھي ھن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي با اثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ڪري مون کي منهنجي ٻچن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي قبضا ختم ڪرايا وڃن

Read Previous

سکر: ڳوٺاٺ عبدالستار ماڪو جا رهواسين پاران قبضا مافيا خلاف احتجاج

Read Next

مدينا واسي ڪلهوڙا برادري پاران پوليس جي ظلمن خلاف احتجاج

Most Popular