ڳوٺ نواب جو بنگلو واسي پورهيت موٽر سائيڪل خراب ٺهرائڻ خلاف احتجاج ڪندي

قاضي احمد ( رپورٽ علي نواز جتوئي )قاضي احمد لڳ ڳوٺ نواب جو بنگلو واسي محمد زمان ولد غلام حسين چانڊيو پريس ڪلب قاضي احمد پھچي دانھيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن پھريان مون سلمان آٽوز قاضي احمد جي استاد غلام حسين کان موٽر سائيڪل ٺھرائي جنهن جو خرچ تقريبن 11000 روپيا مون ڪيو جيڪا ٺھڻ بعد ڳوٺ ڪاهي ويس ته رستي ۾ انجڻ مان تيل وهي رهيو هو جنهن تي مان مسلسل استاد وٽ چڪر لڳائي رهيو آهيان مگر مونکي موٽر سائيڪل صحيح ڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن جي دانهن مان ميڊيا جي توصل سان وس وارن کي ڪيان ٿو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن استاد غلام حسين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون سندس موٽر سائيڪل جي چين کي آئل لڳايو هيو جيڪو ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙي ٿو سڪڻ کانپوء بند ٿي ويندو جيڪا ڳالھ مون هن کي سمجهائي مگر هو سمجهڻ لاءِ تيار نه هو جنهن تي مان هن کي چيو توهان ڪهڙي ب مستري کي موٽر سائيڪل چيڪ ڪرايو اهو جيڪا ڳالھ ڪري مان مڃڻ ء حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

Read Previous

سيوهڻ شريف : ڳوٺ نواب خان رنگ لڳ جهانگارا عورت فرزانا انصاف جو مطالبو ڪندي

Read Next

ميرپور خاص: سنڌ ۾ سوا 4 لک ايڪڙ زمين مان پاڻي نيڪال ڪري چڪا آھيون : صوبائي وزير سهيل انور سيال

Most Popular