سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف جو احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز، شاخ بچل مهر پاران اديبن، شاعرن، سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين عزيزالله ٻوهيو، گل مورو، امجد ميمڻ، ايم ظفر تڳر، ساگر يوسف منگي، خادم حسين مري، ممتاز سولنگي، ايس يو پي جي مهر وسطڙو، اسلم سيال، ڪامريڊ مسرور چانڊيو، يونس راڄپر، مشتاق مري، فريد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ون يونٽ جي ڪڙي ۽ 18هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ وفاق پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙيون سازشون ڪندو پيو اچي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ وفاق مختلف بهانا ڪري سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا اڳ ئي غيرقانوني طور پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري چڪو آهي هاڻ وري سنڌ جا ٻيٽ به غير قانوني طريقي سان پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ چاهي ٿو پر اهڙو سنڌ دشمن منصوبا سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر سنڌ جي نمائندگي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪري ٻيٽن واري صدارتي آرڊِيننس کي رد ڪن نه ته ٻي صورت ۾ کين اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي وجود کان سواءِ سندن وجود به ناڪافي آهي. جيڪڏهن ٻيٽن وارو صدارتي آرڊيننس فوري طور رد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

Read Previous

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف سنڌ ادبي سنگت شاخ جو احتجاجي مظاهرو

Read Next

راڻيپور جا شهري بنيادي سهولتن کان محروم ڪرپشن ۽ ناانصافي دور شهرين جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

Most Popular