پاڪستاني اداڪاره ماهره خان بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور: : پاڪستاني اداڪاره ماهره خان انڊس ويلي ڊيجيٽل فلم فيسٽيول سيزن 2 ۾ بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.  ماهره خان کي اهو ايوارڊ پاڪستاني فلم(هومن جهان) ۾ بهترين اداڪاري تي ڏنو ويو آهي. فيسٽيول ۾ فلم(هومن جهان) کي به اسپيشل ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. هومن جهان 3 نوجوانن جي چوڌاري گهمندي آهي جيڪي ماڻهو موسيقي سان دلچسپي رکن ٿا ۽ گريجوئيشن کان پوءِ هڪ ميوزڪ بينڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪندا آهن هي فلم خانداني تقريبن، دوستاڻي ملاقاتن ۽ چانهه وارين هوٽلن تي ملڻ جهڙي دنيا تي ٻڌل آهي. فلم ۾ منيزي جو ڪردار ماهره خان نادر جو عديل حسين ۽ ارحان جو ڪردار شهريار منور نڀايو آهي ارحان گهر ڇڏي هڪ مقامي هوٽل ۾ گهٽار وڄائڻ جي نوڪري ڪندو آهي. منيزي طلاق يافته والدين جي ڌيءَ آهي ۽ هو انهن سان گڏ رهندي آهي.  نادر هڪ امير ڇوڪرو  آهي جيڪو پنهنجي والدين سان گڏ رهندو آهي جڏهن ته ارحان بالڪل مختلف ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيندو آهي ٽئي دوست خاندان، دوستي ۽ ڪيريئر سان وفاداري سبب ڌار ٿي ويندا آهن.

Read Previous

مولانا عادل قتل ڪيس: سنڌ حڪومت شيخ رشيد کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

اهڙي اداڪاري ڪرڻ چاهيان ٿي جنهن کي ماڻهو هميشه ياد رکن: جويريه عباسي

Most Popular