خيرپور : پيار جو پرڻي تان ٻن جوڙن خلاف بااثر وڏيري پاران جرڳو ٻنهي جوڙن کي ڪارو قرار جي فتويٰ جاري

خيرپور (رپورٽ:رانجهن شيخ)پيار جي پرڻي تان ٻن جوڙن خلاف تر جي بااثر وڏيري پاران جرڳو، ٻنهي جوڙن کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ، ٻه سڱ چٽي، 40 لک ڏنڊ، ڳوٺ نيڪالي جي فتويٰ جاري، جوڙن کي قتل ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي، نارين جون خيرپور ۾ دانهون. خبر موجب ناري تعلقي جي جي ڳوٺ خاوند احمد ملاح ۾ پنج مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ٻن ڀينرن مسمات ڦاپل ڀنڀرو ۽ مسمات ممتاز ڀنڀرو ساڳي ڳوٺ جي غلام حيدر ڀنڀرو ۽ ميهر ڀنڀرو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تي تر جو بااثر وڏيرو نياز حسين ڀنڀرو ڏمرجي پيو هيو ۽ برادري جو ڪٺ گهرائي جرڳو ڪري ٻنهي جوڙن کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ، ٻه سڱ چٽي، 40 لک ڏنڊ ۽ ڳوٺ نيڪالي جي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان بعد نارين مسمات ڦاپل ڀنڀرو ۽ مسمات ممتاز ڀنڀرو خيرپور ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پهچي اخبار وارن کي دانهيندي ٻڌايو ته وڏيرو وڏو ظالم آهي ڪيتريون ئي ڳوٺ جون نياڻيون ڪاريون ڪري ڏنڊ وصول ڪيا آهن ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ عورتن تي حملا ڪرائڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ کان نه مڙندو آهي اڪثر تر جي پوليس وڏيري جي حڪم جي محتاج هوندي آهي، هاڻي به جرڳو ڪرائي اسان چئني کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته بااثر وڏيري اسان کي قتل ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جيڪا اسان کي قتل ڪرڻ لاءِ ڳولهيندي وتي ٿي، هنن چيو ته وڏيري اسان جي ساهرن جي گهرن کي به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اعليٰ عدالتون، انساني حقن واريون تنظيمون ۽ ايس ايس پي خيرپور جاچ ڪرائي اسان کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، هنن چيو ته جيڪڏهن اسان مارجي وڃون ته اسان جو قتل ڪيس وڏيري نياز حسين ڀنڀرو ۽ ان جي ساٿين مٿان داخل ڪيو وڃي.

Read Previous

سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز جي بورڊ آف گورننس جو اھم اجلاس ٿي گذريو

Read Next

يونيورسٽي اندر مختلف سيڪشنز جي ڪمن ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي ته جيئن استادن، شاگردن سان گڏ معاشري جي مختلف حصن جا وقت سر مسئلا حل ڪجن : عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر

Most Popular