سيوهڻ شريف : ڳوٺ رائيس رسول بخش روڊناڻي برادري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سيوهڻ شريف رپورٽ (محمد حنيف شاهاڻي) سيوهڻ شريف  جي ڀرسان منڇر ڍنڍ لڳ ڳوٺ رئيس رسول بخش رودناڻي جي رهواسين رودناڻي برادريء عبدالحميد رودناڻي ۽ عبالغفور رودناڻي جن جي اڳواڻي ۾  نواب شاھ جي ٽريڪٽر شوروم مالڪ ذوالفقار علي جٽ ۽ بوبڪ پوليس پوسٽ انچارج  اي ايس آء ASI ذوالفقار آرائين جن ڏاڍائين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ان موقعي تي مظاهرين عبدالحميد رودناڻي ۽ عبدالغفور رودناڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواب شاھ جو ٽريڪٽر شوروم وارو ذوالفقار  آرائين وڏو وياجي ۽ گهنڊو آھي جنهن کان اسان 4 سال اڳي هڪ ٽريڪٽر 2013 ماڊل روسي ٽريڪٽر اوڌر تي 19 لک ۾ ورتو هو جنهن ۾ مون ڏي هن جا 6 لک روپيا پيا رهن انهن پئيسن ۾ منهنجو ٽريڪٽر ساڍن 11 لکن ۾ واپس کڻي ويو هو ، جنهن ۾ منهنجا هن ڏي جيڪي پيئسا رهن پيا ساڍا 5 لک روپيا اهي هن  ايڊوانس ۾ جمع ڪري هڪ ٽريڪٽر ماڊل 2016 ننڍو في ايٽ 8 لک ۾ اوڌر تي 12 مهينن جي لاء ڏنو هو جنهن ۾ هن جا مون ڏي بقايا 2 لک پنجاھ هزار روپيا رهن پيا جنهن ۾ مان هن کي جنوريء مهيني ۾ 50 هزار روپيا ڏنا بقايا هن شوروم واري جا مون ڏي 2 لک روپيا رهن پيا جنهن ۾ هي شوروم وارو اهو منهنجو ٽريڪٽر پاڻ منهنجي ڳوٺان ڏاڍ تي اهو ٽريڪٽر ڪاهي هليو ويو ، وڌيڪ مظاهرين عبدالحميد رودناڻي صحافين کي ٻڌايو ته هاڻي وري بوبڪ پوليس پوسٽ انچارج اي ايس آء ASI  ذوالفقار آرائين شو روم واري ذوالفقار جٽ کان ڳري رشوت وٺي ان شو روم واري سان ونگار وهندي اسان جي ڳوٺ ۾ چڙھائي ڪري اسان جا 2 نوجوان 16 سالن جي عمر جا سجاد علي رودناڻي ۽ وسيم علي رودناڻي جن کي کنڀي کڻي هليا ويا آھن ، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ڄام شورو ۽ ڊي ايس پي سيوهڻ جن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪري هن وياجي ۽ بوبڪ پوليس پوسٽ انچارج ذوالفقار آرائين کان جان ڇڏائي وڃي۔

Read Previous

ڇوڪرين جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان فيري ھوم سکر ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي

Read Next

راڻيپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج پري پري کان ايندڙ مريض پريشان

Most Popular