راڻيپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج پري پري کان ايندڙ مريض پريشان

راڻيپور (رپورٽر) راڻيپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج پري پري کان ايندڙ مريض پريشان رپورٽ موجب راڻيپور ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن ۽  پيرا  ميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو ڊاڪٽر عبدالستار ,غلام اصغر ملاح, دين محمد پتافي ۽ ٻين   ڳالهائيندي چيو ته ٻين صوبن ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف عملي کي هيلٿ رسڪ الائونس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ملن ٿيون پر سنڌ صوبي ۾ رڳو ائين نه پيو ٿئي ڪرونا وائرس جي وبا دوران سنڌ حڪومت پاران ڊاڪٽرن ۽پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر اچانڪ سنڌ حڪومت هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ڪرونا وائرس اڃان موجود آهي چيو ته اسان جو سمورو عملو وبائي صورتحال ۾ به پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي ان باوجود به سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن ۽پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪري ڇڏيو آهي احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

سيوهڻ شريف : ڳوٺ رائيس رسول بخش روڊناڻي برادري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Read Next

خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ ڦلو ٿاڻي جي منشيات ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت، ساڍا چار سال قيد ۽ ويهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا

Most Popular