سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ ۽ ڳڙھي خيرو شهر ۾ داخل ٿيڻ واري بيگاري پل ٽٽي پوڻ سبب ٽرڪ جو حادثو ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻھو معجزاني طور بچي ويا

ڳڙھي خيرو:(رپورٽر:اسدالله لغاري)سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ ۽ ڳڙھي خيرو شهر ۾ داخل ٿيڻ واري بيگاري پل ٽٽي پوڻ سبب ٽرڪ جو حادثو ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻھو معجزاني طور بچي ويا. خبر موجب وڏي عرصي کان سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ ۽ ڳڙھي خيرو شهر ۾ داخل ٿيڻ واري بيگاري پل مڪمل طور تي ناڪارا ٿي وئي آهي جنهن سبب روزانه حادثا ٿيڻ لڳا. تقريبا اڍائي ٽي سال پهريان ان پل جي هڪ ٺيڪيدار پاران سٺ لکن جي مرمت جو ڪم ڏيکاريو ويو جيڪو صرف ڪرپشن ۽ پل ۾ پيل کڏن کي ڀرڻ کان سواء ڪجھ ڪم نه ٿي سگهيو. شهرين. ٽرانسپورٽرن ۽ مختلف سوارين جي ڊرائيورن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئي مرتبه هن پراڻي پل جي مرمت لاء آيل ڪروڙين روپين خرچ ڏيکاريو ويو جيڪو ڪرپشن کان علاوه ڪجھ به ڪم نٿي سگهيو آهي انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان جو متبادل  رستو نه هجڻ ڪري صوبه بلوچستان ۽ سنڌ جي شهرن شهدادڪوٽ, لاڙڪاڻه, ميروخان ۽ جيڪب آباد کان وزن کڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي آھي جيڪڏهن اڻڄاڻي سان ٻاهريان ڪا وڏي گاڏي اچي ٿي ته اها به حادثي جي شڪار ٿي وڃي ٿي جيئن اڄ هڪ دس ويلر ٽرڪ پل جي کڏن ۾ ڦاسجڻ سبب گاڏي جو ايڪسل ڀڄي پوڻ سبب گاڏي منهن ڀري ڪري پيو پر خدا تعالي جي ڪرم نوازي جي ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. انهن منتخب نمائندن سان گڏوگڏ نيب ۽ اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته گهڻا ئي دفعا پل جي مرمت لاء آيل لکين ڪروڙين روپيه ڪرپشن جي ور چڙھي ويا انهن ٺيڪيدارن خلاف ڪاروائي ڪري فوري طور نئين پل تعمير ڪري ٽرانسپورٽرن سميت عوام کي ڏيکاين کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

Read Previous

گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن پاران سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ

Read Next

غلام نبي مورائي اسڪول کي ڏنل پلاٽ تي اچي ڪوڏر سان کوٽائي ڪري لپا هڻي افتتاح ڪري دعا گهري

Most Popular