ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاء سوين ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاء سوين ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن جي  مرڪزي اڳواڻ محمد عباس پنهور، لياقت کوسو، الله بخش، فيروز علي شاه، جعفر شاه ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ايريگيشن جو  وزير سهيل انور سيال طرفان اسان جا مطالبا 2017 ۾ منظور ڪيا هئا جن تي 3  سال گذري وڃڻ باوجود عمل ناهي ٿي سگهيو مجبور ٿي روڊن تي اچي ويا آهيون ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا جن ۾ گروپ الائونس، سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، صحت ڪارڊ سميت آر او بي ڊي ۽ ايل بي او ڊي ملازمن کي فوري طور تي پڪا آرڊر ڏنا وڃن هنن سنڌ جي وڏي وزير ايريگيشن جي صوبائي وزير ۽ پ پ جي اعلي قيادت کان گهر ڪئي ته 3 سال پهرين ايريگيشن ملازمن جي مطالبن جو حڪومت جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر ڪم ڪار ڇڏي تحريڪ هلائي ويندي

Read Previous

قاضي احمد لڳ ڳوٺ پير نالي وڏو جي رهواسين قادر پنھنجي ڀيڻيوي محرم مڱڻھار سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي

Read Next

ڪنڌرا : ڳوٺ محبوب ميتلو جي رهواسين اڳوڻي ايس ايڇ او ڪنڌرا ۽ بااثر خلاف ميتلا برادري جو احتجاج

Most Popular