سانگھڙ: مقصودورند ڀرسان ڦٽيون چونڊيندي 12 ساله نياڻي اغوا، وارثن جو احتجاج، امڙ روئيندي بي حال! وارثن جو ٿاڻي جو گهيراء

سانگھڙ( رپورٽ ڊر) مقصودورند ڀرسان ڦٽيون چونڊيندي 12 ساله نياڻي اغوا، وارثن جو احتجاج، امڙ روئيندي بي حال! وارثن جو ٿاڻي جو گهيراء ُتفصيل موجب مقصودورند لڳ ڳوٺ خيرو رند وٽان ڦٽيون چونڊيندي ڳوٺ خيرو رند جي رهواسڻ 12 ساله عارفه ڌي محمد شريف لوري (مرحوم) کي 4 موٽر سائيڪل سوار ماڻهن اغوا ڪري فرار ٿي ويا. وارث اهڙي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ يڪدم مقصودورند ٿاڻي تي پهتا جتي سندن فرياد داخل ڪيو ويو. جنهن بعد وارثن ڇوڪريءَ جي ماءُ مسمات غلام سڪينه، ڀائرن شاهد علي ۽ زاهد علي، چاچي حاجي لوري ۽ ٻين پريس ڪلب مقصودورند آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي معصوم نياڻيءَ کي مظهر لوري، شوڪت لوري، معشوق لوري، ميهر علي لوري ۽ منتظر لوري اغوا ڪري ويا آهن. اسان جي نياڻيءَ کي ڳوٺ خيرو رند وٽ زميندار جاويد علي رند جي زمين مان ڦٽيون چونڊيندي زوري اغوا ڪيو ويو آهي. اسان اهڙي واقعي جي دانهن مقصودورند ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس اڃان تائين ڪجهه به نه ڪيو آهي. اسان کي خوف آهي ته ڪٿي اسان جي نياڻي کي ڪو نقصان نه پهچايو وڃي. اسان ڊي آئي جي نوابشاه، ايس ايس پي سانگهڙ سميت ٻين وس وارن کي اهيا اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي جلد پنهنجي نياڻي واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Read Previous

نوابشاهه :قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف اڄ ٻئين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي

Read Next

ٽنڊوالهيار: ڊايوسيس آف حيدرآباد چرچ آف پاڪستان پاران سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۽ تازو آيل برساتن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ جي تقريب

Most Popular