نوابشاهه :قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف اڄ ٻئين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف اڄ ٻئين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي شاگردن سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ ٻين چيو ته اڄ اسان کي ھتي ٻيون ڏينهن آھي ليڪن يونيورسٽي جي انتظاميه اسان جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان جا ڪورونا وائرس ۾ آن لائين ڪلاس ورتا ويا، جڏھن ته ھن وقت اسان کان آن لائين امتحان وٺڻ بجاءِ ريگيولر امتحان ورتا پيا وڃن جيڪا اسان سان انصافي آهي، ھنن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن ۽ يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي رھي آھي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھايو وڃي ۽ اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، شاگردن مطالبو ڪيو ته اسان جو جائز مطالبا تسليم ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏھن ته ٻئي پاسي شاگردن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سھيل ڀٽو، حمز علي چانڊيو، اسد مغيري، ڊاڪٽر يوسف ۽ ٻين شاگردن سان رابطو ڪندي چيو ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انتظاميه شاگردن سان انصافيون ڪري رھي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته قائد عوام يونيورسٽي جا شاگرد اڪيلا ناهن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي انھن سان ھر وقت گڏ آهي، ھنن چيو ته شاگرد مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن ليڪن يونيورسٽي انتظاميا شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار ناھي جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آهي، ھنن چتاءُ ڏنو ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن جق جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

سانگهڙ ۾ 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Read Next

سانگھڙ: مقصودورند ڀرسان ڦٽيون چونڊيندي 12 ساله نياڻي اغوا، وارثن جو احتجاج، امڙ روئيندي بي حال! وارثن جو ٿاڻي جو گهيراء

Most Popular