راڻيپور : ٽائون جي حاضر ۽ رٽائرڊ سروس ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف علامتي بک هڙتال

راڻيپور ۾ ٽائون جي حاضر ۽ رٽائرڊ سروس ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف علامتي بک هڙتال پنجين ڏينهن به جاري رهي ٽائون آفيسر ممتاز انڙ وري بدلي چارج نئين ٽائون آفيسر صدام وساڻ حوالي ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال کانپوء سومر ڏينهن کان ڊرينيج سسٽم به بند ڪرڻ جو چتاءُ شهر ۾ گندگي ۽ بدبوء شهري پريشان  رپورٽ موجب:راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف ملازمن حيدر بخش ملاح ,غلام الرسول مڱڻهار ۽ شهمير شيخ جي اڳواڻي ۾ پنجين ڏينهن به قائم ڪيل ڪئمپ تي علامتي بک هڙتال جاري رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو انهئ موقعي تي ملازمن چيو ته ٽائون انتظاميه اسانجي ڪم ڇڏ هڙتال جو اڃا نوٽيس نه ورتو آهي پگهار نه ملڻ سبب ٻچا فاڪاڪشي ڪري رهيا آهن هنن چيو ته پگهار ملڻ تائين اسانجو احتجاج جاري رهندو ۽ سومر ڏينهن کان گندي پاڻي جي نيڪال لاء قائم ڪيل ڊرينيج سسٽم کي پڻ جام ڪيو ويندو انهئ موقعي تي سماجي اڳواڻ الطاف عباسي ,اڳوڻو ڪائونسلر نماڻو خان سرڪي ,صرافه بازار جو صدر مشتاق صديقي ملازمن جي حمايت ۾ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا جتي انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملازمن سان انتهائي ظلم ٿي رهيو آهي هنن چيو ته اگر ٻن ڏينهن تائين ملازمن جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پوء سومر ڏينهن کان شهر  ۾ مڪمل شٽرڊائون ڪيو ويندو هوڏانهن سيڪريٽري بلديات ڪرپشن جو نوٽيس وٺندي موجوده ٽائون آفيسر ممتاز انڙ کي هيڊ آفيس آمد ڪرائڻ جو حڪم ڪيو ۽ سندس جڳھ تي صدام حسين وساڻ کي نئون ٽائون آفيسر مقرر ڪيو آهي

Read Previous

راڻيپور: رورل ھيلٿ سينٽر ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊيڪل جي عملي پاران مطالبن جي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ احتجاج علامتي بک هڙتال

Read Next

ڳڙھي خيرو : 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ويڙھ ڪندو

Most Popular