دوداپور ويجهو اوڍا ۽ جکراڻي ڌر ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت علائقي ۾ ڏهڪاء،

ڳڙھي خيرو:(رپورٽر:اسدالله لغاري) دوداپور ويجهو اوڍا ۽ جکراڻي ڌر ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت علائقي ۾ ڏهڪاء،خبر موجبتاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان اوڍو ۾ ٽي سال اڳ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جي معاملي تان اوڍا ۽ جکراڻي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو جکراڻي ڌر جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان نويد اوڍو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو قتل ٿي ويل نوجوان دائوجهانپور کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته پير مسافر لاڙي وٽ جکراڻي ڌر فائرنگ ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي ٿيل نوجوان  کي اسپتال نيو ويو جتي ھن رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي نويد اوڍو فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جي لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء تعلقي اسپتال ڳڙهي خيرو نيو ويو. متاثر ڌرين آئي جي سنڌ. ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سميت وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪري وڌيڪ قيمتي جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائين.

Read Previous

5 سالن جي عمر تائين سڀني ٻارڙن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کي يقني بڻايو وڃي : احمد علي قريشي

Read Next

ڳوٺ حاجي لائق جي رهواسين مسمات ڪشميران ۽ سندس ڀاءُ حنيف راڄپر پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي

Most Popular