نوابشاهه: ھوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن پاران گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) ھوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن پاران گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان نوابشاهه جي ھڪ مقامي شادي ھال ۾  ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار کي خطاب ڪندي زھرا خان، ڪوثر النساء، شڪيلا خان، ريحانه، شائين، ياسمين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 20 سال گذرڻ باوجود دنيا جا 10 ڪروڙ کان مٿي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پنھنجي سڃاڻپ کان محرم آهن جنھن ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي تعداد عورتن جي آھي، ھنن چيو ته پوري دنيا ۾ 20 آڪٽوبر گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو ڏھاڙو مقرر ڪيو ويو آهي ليڪن بدقسمتيءَ سان ان تي عمل درآمد نٿو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن خاص طور تي عورتن کي تمام گھٽ ڏھاڙي ڏني وڃي ٿي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، ھنن حڪومت پاڪستان سواءِ سنڌ صوبي جي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ھنن چيو ته گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ڏھن سالن جي جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ صوبي ۾ نه صرف ھوم بيسڊ ورڪر پالسي جو اعلان ڪيو ليڪن گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي قانوني سڃاڻپ ڏياري جيڪا ٻين ملڪن جي لاءِ ھڪ مثال آهي، ھنن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري پوري دنيا ۾ بين الاقوامي بحران پيدا ٿي ويو آهي جنھن دنيا جي معيشت کي تباھه ڪري ڇڏيو آهي جنھن جي ڪري ڪيترائي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن بيروزگار ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته عوام دشمن پاليسين جي ڪري مھانگائي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي بجلي، گيس، تعليم ۽ صحت جھڙين سھولتن کان عوام کي محروم رکيو ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته حڪومت سنڌ ھوم بيسڊ ورڪر ايڪٽ تي عمل درآمد ڪري ھوم بيسڊ ڪائونسل ۽ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي رجسٽريشن جو جلد کان جلد سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ مزدورن جي ڏھاڙي ۾ واڌارو ڪري انھن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي آگاھي جي سلسلي ۾ پنڪ ڊي سينيٽ ھال ۾ ملھايو ويو

Read Next

گڊو پوليس ۽ چورن وچ ۾ دوبدو فائرنگ۔ چور مينهن ڇڏي فرار ٿي ويا

Most Popular