سکر: يوسي18سکر۾ صفائي جو نظام ناڪام ٿي چڪوآھي جڳھ جڳھ تي گندگي جا ڍير لڳل آھن

سکر( رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ ) يوسي18سکر۾ صفائي جو نظام ناڪام ٿي چڪوآھي جڳھ جڳھ تي گندگي جا ڍير لڳل آھن، شھرين پاران ميراڻي محلي پراڻو سکر۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھروڪري  انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي، جنھن ۾ اميربخش ميراڻي صالح محمد ميراڻي شاھد علي مھر، رستم علي مھر سميت ٻين شھرين شرڪت ڪئي مظاھرين احتجاج ڪندي چيوته يوسي18سکر۾ صفائي جو نظام ناڪام ٿي چڪو آھي،اسان جي ميراڻي محلي۾ نالين جو گندو پاڻي گھرن۽گھٽين مسجدن ۾ بيٺل آھي ،ڪافي شڪايتون ڪرڻ باجود تدارڪ نه ڪيوپيو وڃي ميونسپل جاآفيسر رڳو فوٽو سيشن ۾ مصروف آھن ھنن چيوته اسان جي ميراڻي ڀاڙي۾ صفائي جي لا۽2سوئيپرمقررٿيل ھئا جنھن کي ھتان بدلي ڪيو ويو آھي صفائي وارا سوئيپرنه ھجڻ جي ڪري صفائي جي صورتحال تمام  خراب آھي ، ايڊمينسٽريٽر۽ايم سي جي اچڻ سان سکر۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگھي آھي، ويتر سکر شھرجي صورتحال خراب  ٿيندي پئي وڃي ايڊمينسٽريٽرسکرپنھنجي ٽيم سميت پاڻي ۽پارڪن راندن جي گرائونڊن ۽ھالن تي صرف ٽيڪس ھڻڻ۾ پورو آھي ھن کي شھر جي عوام جوڪوبه فڪر ناھي مظاھرين سنڌحڪومت ۽ ڪمشنرسکر۽ڊپٽي ڪمشنرکان مطالبوڪيوته سنڌجي ٽئين نمبر ڏي شھرسکرکي تباھي کان بچايو وڃي ۽شھرجي شھرين سھولتون فراھم ڪيون وڃن

Read Previous

سکر: صالح پٽ جو جنگلي جيوت کاتو نه ته وڻ بچائي سگهيو نه ئي ناياب نسل جا پکي پرند

Read Next

خيرپور: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪري ڇڏيو

Most Popular