خيرپور: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪري ڇڏيو

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ايم اي فائنل سال 2019 جي سڀني مضمونن جا زباني امتحان شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور،  لاڳاپيل ڪاليجن جي سينٽرز ۾ ڪورونا جي حڪومتي ايس او پيز جي مطابق 19 آڪٽوبر کان ورتا پيا وڃن. جڏهن ته بي ايس ايس، بي ايس سي (هوم اڪنامڪس) ۽ بي ڪام سال پهريون ۽ ٻيون جا پريڪٽيڪلز پڻ ڪورونا وائرس جي حڪومتي ايس او پيز مطابق لاڳاپيل ڪاليجن ۾ 26 آڪٽوبر کان ورتا ويندا. ان سلسلي ۾ واسطيدار اميدوارن کي هدايت ڪجي ٿي ته هو پنهنجي شيڊول مطابق زباني ۽ پريڪٽيڪلز ۾ شريڪ ٿين.

Read Previous

سکر: يوسي18سکر۾ صفائي جو نظام ناڪام ٿي چڪوآھي جڳھ جڳھ تي گندگي جا ڍير لڳل آھن

Read Next

نوشھروفيروز 11 مهينا اڳ قتل ٿيل پيرسن جو قاتل گرفتار ٿيل جوابدار 17 سالا نوجوان محمد علي چانڊيو کي پوليس گرفتار

Most Popular