نوشھروفيروز 11 مهينا اڳ قتل ٿيل پيرسن جو قاتل گرفتار ٿيل جوابدار 17 سالا نوجوان محمد علي چانڊيو کي پوليس گرفتار

نوشھروفيروز (ڊ ) نوشھروفيروز 11 مهينا اڳ  گورنمنٽ هائير سڪينڊري اسڪول ڀرسان قتل ٿيل پيرسن اقبال آرائين جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار 17 سالا نوجوان محمد علي چانڊيو کي پوليس گرفتار ڪري نوشهروفيروز سينٽر جيل ۾ قيد ڪيو هيو  . جتي نوجوان طعبيت خراب هجڻ ڪري کيس نوشهروفيروز اسپتال بعد سکر اسپتال نيو پئي ويو ته  نوجوان رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي نوجوان جا وارث سکر روانا ٿي ويا آهن ، نوجوان جي ڏاڏي  شاهنواز چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيل انتظاميه نوجوان جي بيماري بابت پهريان ڪابه ڄاڻ فراهم نه ڪئي هئي . ۽ اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي ڪنهن سازش تحت ماريو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي نوشهروفيروز جيل سپريڊنٽ شعيب صديقي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل رات نوجوان قيدي محمد علي چانڊيو پيٽ جي سور دانهن ڪئي هئي .اسان نوشهروفيروز اسپتال داخل ڪرايو .  ڊاڪٽرن جي مشوري بعد کيس سکر اسپتال نيو ويو ته اطلاع مليو نوجوان رستي ۾ فوت ٿي ويو آهي .هن چيو ته ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو،

Read Previous

خيرپور: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪري ڇڏيو

Read Next

جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم خاتم النبي ن جي سلسلي ۾ عبدالقدير گجر جي صدارت ۾ اي سي آفيس گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي

Most Popular