امام حسين عليه السلام جي چھلم جي موقعي تي مذھبي فسادپکيڙي خونريز جھيڙي ڪرائڻ واري سازش کي ناڪام بنائي مذھبي ڌرين کي پاڻ ۾ کيرکنڊ ڪرڻ

نيوسعيد آباد (رپورٽ جبار عمراڻي  ) امام حسين عليه السلام جي چھلم جي موقعي تي مذھبي فسادپکيڙي خونريز جھيڙي ڪرائڻ واري سازش کي ناڪام بنائي مذھبي ڌرين کي پاڻ ۾ کيرکنڊ ڪرڻ- نيوسعيدآباد تعلقي ۾ منشيات فروشن خلاف آپريشن ڪري ڪيترائي منشيات فروش سڳ سوڌو گرفتارڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري جيل ڪرڻ تي نيوسعيدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر اشفاق احمدمنگي ۽ سمورن واقعن جي اڻ ڌري رپورٽنگ ڪرڻ تي پريس ڪلب نيوسعيدآباد جي صدر سينئر صحافي ممتاز ٻلال جي مان ۾ شھر جي معززين واپارين جي اھم شخصيتن سيٺ رونق احمد راجپوت سيٺ محمد قاسم راجپوت راجپوت اتحاد جي نوجوان محمد اسماعيل راجپوت پاران تقريب منعد ڪئي وئي. جنھن ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جي اڳواڻ رائو محمداسلم  اڳوڻي نائب ناظم منظورالاھي راجپوت حاجي عبدالقادر راجپوت واحد بخش ڪاڪا سينئر صحافي رائوآصف علي صادق علي ٻلال سميت اھم ڌرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مھمانن کي اجرڪن ٽوپين ۽ لونگين جاتحفا پيش ڪيا ويا.تقريب کي خطاب ڪندي رائو محمداسلم منظور الاھي راجپوت محمد اسماعيل راجپوت چيوته ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو جي بھترين ٽيم ورڪ جي ڪري ضلعي سميت نيوسعيدآباد ۾ امن امان جي صورتحال اڳ کان بھترآھي ۽ سڄي ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري گرفتارڪرڻ بعد سندن خلاف ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪرڻ سٺو عمل آھي ھنن چيوته نيوسعيدآباد ۾ امام حسين عليه السلام جي چھلم جي موقعي تي مذھبي جھيڙو ٽاري تڪراري مذھبي ڌرين کي پاڻ ۾ کيرکنڊ ڪري صلح ڪرائڻ وارو ڪريڊٽ به ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو ۽ايس ايڇ او نيوسعيدآباد اشفاق احمد منگي ڏانھن وڃي ٿو-ھنن چيوته سمورن مسئلن جي اڻ ڌري رپورٽنگ ڪرڻ تي سينئر صحافي پريس ڪلب نيوسعيدآباد جي صدر ممتازٻلال جس ھجي ھن ھميشه شھرين جي مسئلن اجاگرڪري حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

Read Previous

مٽياري جي زير اھتمام 13 سالياني عظيم الشان ميلاد ڪانفرنس زير صدارت بشير احمد قادري جي مين روڊ مٽياري تي ملهائي ويئي

Read Next

ايڊووڪيٽ سويت رآء پاران پنھنجي بابي سرڳواسي وسند رآء جي ياد ۾ ھاء اسڪول ون ميھڙ ۾ ڪرايل ترقياتي ڪم جي افتتاحي تقريب ٿي گذري

Most Popular