ايم پي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ضلع چيئرمين مٽياري مخدوم فخرزمان جي هدايتن تي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ڏھ رڪني ڪميٽي جوڙي وئي

مٽياري : ايم پي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ضلع چيئرمين مٽياري مخدوم فخرزمان جي هدايتن تي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ڏھ رڪني ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن محفوظ علي جماڻي, امجدعلي ميمڻ, پرويزميمڻ ۽ منورعلي دايو جي ايڊمنسٽريٽر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي سان گڏجاڻي بعد ٽائون ڪميٽي مٽياري جي فائر برگيڊ ڪافي وقت کان خراب پيل هئي ان جو رپيئرنگ جو ڪم مڪمل ڪرايو ويو, مٽياري شهر جي صفائي جو ڪم وڌيڪ بهتر بنائڻ لاء پندرنهن سئيپر وڌايا ويا, مين روڊ تي گٽر هولن جي تعميرات جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو, 12ربيع الاول جي موقعي تي مٽياري هاء اسڪول مين روڊ, ٽائون آفيس کي لائيٽنگ سان سينگاريو ويو آهي, ڪميٽي ميمبرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم پي اي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم فخرزمان جي هدايتن تي مٽياري شهر جا مسئلا ترجيعي بنياد تي حل ڪيا ويندا, شهر ۾ صفائي, اسٽريٽ لائٽ, پاڻيء سميت هر مسئلي کي فوري حل ڪرايو ويندو.

Read Previous

ايم آر ڊي تحريڪ جي سڃاڻپ رکندڙ تاريخي ڳوٺ لاکاٽ ۾ لکين رپين جي لاڳت سان اسڪول سمورين بنيادي سھولتن کان وانجهيل آھي

Read Next

رٽائرڊ سنڌ گورنمنٽ ايمپلائيز ايسو سي ايشن شهيد بينظير آباد پاران رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي

Most Popular