ايم آر ڊي تحريڪ جي سڃاڻپ رکندڙ تاريخي ڳوٺ لاکاٽ ۾ لکين رپين جي لاڳت سان اسڪول سمورين بنيادي سھولتن کان وانجهيل آھي

قاضي احمد ( رپورٽ علي نواز جتوئي ) قاضي احمد لڳ ايم آر ڊي تحريڪ جي سڃاڻپ رکندڙ تاريخي ڳوٺ لاکاٽ ۾  لکين رپين جي لاڳت سان جوڙيل گورنمينٽ بوائيز ۽ گرلس ايليمنٽري اسڪول سمورين بنيادي سھولتن کان وانجهيل آھي جديد ۽ سائنسي دنيا جي ترقي ۾ يوسي گھرام مري جي ڳوٺ لاکاٽ جا شاگرد تعليم جي زيور کان محروم آھن  ان سلسلي ۾ ورتل معلومات موجب قاضي احمد لڳ ڳوٺ لاکاٽ  ۾ جتي گورنمنٽ  بوائيز ۽ گرلس ايليمنٽري  اسڪول جي بلڊنگ ته  ٺھيل آهي پر اتي پرائمري ۽ مڊل سيڪشن کي  پڙھائڻ  لاء صرف ٻه استاد مقرر ڪيا ويا آھن جڏھن ته  اسڪول ۾  تقريبن 300 کان وڌيڪ شاگرد تعليم جي اُڄ اجهائڻ لاء اچن ٿا سنڌ حڪومت پاران لکين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل ڇهن ڪلاس روم تي مشتمل هجڻ باوجود صرف ٻن ڪلاس روم لاء فرنيچر موهيا ڪيو ويو آھي باڪي ڪلاس روم خالي پيل آھن  بجلي , پاڻي ۽ فرنيچر سميت ڪا به بنيادي سھولت موجود نه آھي  ٻن ڪلاس روم ۾ رکيل فرنيچر پڻ ڀڃي ڀورا ٿي ويو آھي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي نور محمد جتوئي ۽ حاڪم جتوئي سميت  ڳوٺاڻن  ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيوته اسڪول جون بنيادي سهولتون ڏئي مسئلا حل ڪيا وڃن ڪافي ڀيرا تعليم کاتي جي اختيارين کي لکيو ۽ دانهيو آھي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب سوين معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿي رهي آھي هن  پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي سنڌ جي چيئرمين  ايم پي اي غلام قادر چانڊيو , ايم اين اي سيد غلام مصطفا  شاھ , ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد  ۽ ٻين تعليم کاتي جي اعليٰ ختيارن  کان مطالبو ڪيو آھي ته  اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جئين ھتان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي وڃي ۽ ھتان جا غريب  معصوم ٻار به تعليم  حاصل ڪري سگهن ـ

Read Previous

مٽياري ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو جشن مذهبي عقيدت و احترام سان ملهايو پيو وڃي

Read Next

ايم پي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ضلع چيئرمين مٽياري مخدوم فخرزمان جي هدايتن تي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ڏھ رڪني ڪميٽي جوڙي وئي

Most Popular