منهنجو مڙ مون کي فحاشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو: عورت

ميھڙرپورٽر(ميربابا) ميهڙ صائم سولنگي ڌيءَ منظور سولنگي ويٺل ڳوٺ بوٿرو فرسٽ سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه مهينا اڳ منهنجي شادي سلطان سولنگي ولد حاجن سولنگي ويٺل لاڙڪاڻو سان ٿي شاديءَ جي ٻن مهينن گذرڻ بعد منهنجو مڙس سلطان سولنگي ۽ منهنجي سس شهمير خاتون مونکي غير مردن سان تعلقات قائم ڪرائڻ ۽ فحاشي ڪري پئسن ڪمائڻ لاءِ زور ڀريو جڏهن مون هنن سان پنهنجي عزت نيلام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هنن مون سان ظلم زيادتي روز مار ڪٽ ڪرڻ شروع ڪئي جنهن سبب هنن جي ظلمن کان تنگ اچي ميهڙ فرسٽ سيشن ڪورٽ ميهڙ ۾ پنهنجي مڙس سلطان سولنگي کان طلاق وٺڻ لاءِ پهچي ڪورٽ سڳوري ۾ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ آء آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد، ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو کي اپيل ٿي ڪريان ته خدارا مون کي انصاف ڏنو وڃي. ۽ منهنجي اهڙي بد ڪردار ۽ بد اخلاق انسان مان جان ڇڏائي وڃي. جيڪو پنهنجي عزت پنهنجي گهر واري جي عزت کي نيلام ڪري پئسا ڪمائڻ ٿو چاهي. جڏهن ته مون کي پنهنجي عزت پياري آهي آئون اهڙو غلط ڌنڌو نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ان ڪري مجبور ٿي انصاف لاءِ ڪورٽ سڳوري پهتي آهيان

Read Previous

ڳوٺ جميل احمد آرائين جي رهواسين زميدار جاويد آرائين ۽ عبدالرزاق آرائين پنهنجي عزيزن علائقي جي مختلف برادرين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

نواز علي شاهه ڪالوني ۾ ٻن هٿياربند گهر فائرنگ هڪ ڄڻو سخت زخمي

Most Popular