پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ بُرھان خان چانڊيو جي گھرن تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاج

ميھڙرپورٽر(ميربابا)پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ بُرھان خان چانڊيو جي گھرن تي پوليس چڙھائي خلاف پ پ پ تعلقہ ميهڙ جي صدر محمود خان مھيسر . ڊاڪٽر محراب لاکير. سردار بابر خان سھول . پ پ پ سٽي ميھڙ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رياض حسين ڏيرو انفارميشن سيڪريٽري ايم ڊي منير لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ميھڙ بائي پاس ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي وئي ريلي سنڌ پريس ڪلب ميھڙ پھچي ۽ سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين سان اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس نواب سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي گھرن تي چڙهائي ڪري گھرن۾ داخل ٿي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا.جڏھن تہ ام رباب چانڊيو جي ڪيس ۾ ضمانتون ٿيل آهن .جن پوليس اهلڪارن چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي انھن خلاف جاچ ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ جميل احمد مھيسر .شمس مھيسر . معشوق علي سومرو .واجد علي مھيسر . عزيز الله منگي . سردار ساجد علي جانوري .اڪبر علي کوسو .قادر چانڊيو . رئيس توفيق چانڊيو .عباس مھيسر . نصرالله سولنگي .دانش ڏيپر . سرور کوسو .غلام علي کوسو .عرض محمد مھيسر ۽ پ پ پ ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي .

Read Previous

نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف نصرپور چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

فرانس ۾ گستاخانه خاڪن خلاف شيعا علماءَ ڪائونسل مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا ريلي

Most Popular