فرانس ۾ گستاخانه خاڪن خلاف شيعا علماءَ ڪائونسل مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا ريلي

نوشهروفيروز (ڊ ر) فرانس ۾ گستاخانه خاڪن خلاف شيعا علماءَ ڪائونسل، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا ريلي ۾ شامل عاشقان رسول طرفان فرانس ۾  گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي۔ ان موقعي تي شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻ جميل الرحمان جتوئي، مولانا خادم حسين ڪربلا، دوست علي ونگاڻي، خالد سيا، مولانا غلام فاروق، حافظ محرم علي قادري، استاد علي اصغر ابڙو، راشد ابڙو، غلام حيدر ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته فرانس جي حڪومت پاڻ ڪريم صلعم جا گستاخانه خاڪا شايع ڪري عاشقان رسول جي دل ڏکائي آھي اهڙا ماڻھو صرف لعنت جا ئي حقدار آھن جيڪي مٺڙي محبوب جي گستاخي ۾ شامل آھن. اسان سچا عاشق رسول آھيون ھنن چيو ته  وفاقي حڪومت فرانس جي سفارتڪار کي فورن پاڪستاني سفارتخانو خالي ڪري سندس ڏيھ موڪلي. آخر ۾ فرانس جي صدر جي پتلي کي باهه پڻ ڏني وئي.

Read Previous

پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ بُرھان خان چانڊيو جي گھرن تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاج

Read Next

مقصودورند ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو فرانسيسي صدر نبي ڪريم ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي

Most Popular