چين جي مشهور ڪمپني شياومي ايپل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

بيجنگ:  چين جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني شياومي عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران پنهنجي سيل ۾ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ٽيڪنالاجي جو تجزيو پيش ڪندڙ مشهور ڪمپني ڪينالس اسمارٽ فون جي وڪرو جي حوالي سان 2020 جي ٽين مهيني جي تازي رپورٽ پيش ڪئي آهي.  ڪينالس جي رپورٽ موجب 2020 جي ٽئين مهيني ۾ دنيا جي  نمبر ون اسمارٽ فون ڪمپني سام سنگ آهي جڏهن ته ٻئي نمبر تي  چيني ڪمپني هواوي ۽ ٽئين نمبر تي شياومي آهي جنهن ايپل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. رپورٽ موجب سال 2019 جي ٽن مهينن جي مقابلي ۾ 2020 جي ٽئين مهيني ۾ سام سنگ جي وڪرو ۾ تقريبن 2 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ سام سنگ پهرين نمبر تي آهي.

Read Previous

حيدرآباد: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

Read Next

ڪورونا جو امڪان: صحت بابت عالمي اداري جي سربراهه پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو

Most Popular