آل پاڪستان مري اتحاد پاران سڪرنڊ پوليس جي چڙهائي دوران ٻن معصوم ٻارڙن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مٽياري (رپورٽ آس) آل پاڪستان مري اتحاد پاران مري اتحاد جي اڳواڻ مير قربان مري جي گهر مٿان سڪرنڊ پوليس جي چڙهائي دوران ٻن معصوم ٻارڙن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ايس ايس پي نوابشاه ۽ ايس ايڇ او سڪرنڊ خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. تفصيل موجب آل پاڪستان مري اتحاد جي سوين ماڻهن پاران ايس ايس پي نوابشاه ۽ ايس ايڇ او سڪرنڊ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي آل پاڪستان مري اتحاد جي صوبائي صدر گلدين مري، وشدل مري، جانو مري، گلزار مري، باز محمد مري، جمع خان مري ۽ ٻين ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته ايس ايڇ او سڪرنڊ اصغر اعواڻ هڪ وڪيل جي ڪوڙي درخواست تي مري قوم جي معزز شخصيت سابقہ سيڪريٽري اسداللہ مري جي ڀائيٽي مير قربان مري جي گهر مٿان پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري چڙهائي ڪئي آهي چڙهائي دوران چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪري سندس ٻن معصوم ٻارڙن فيصل ۽ فرحان جن جي عمر 12 ۽ 14 سال آهي ٻنهي نينگرن کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي هنن چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي نوابشاه تنوير تنيو ۽ ايس ايڇ او اصغر اعواڻ خلاف ڪارروائي ڪري کين معطل ڪيو وڃي ۽ اسان کي پنهنجا معصوم ٻارڙا واپس ڏياريا وڃن…..

Read Previous

مٽياري ۾ شعيه علماء ڪائونسل مومنين پاران جشن ولادت باسعادت صادقین لبيڪ يا رسول ﷲ ريلي

Read Next

پاڪستان تحريڪ انصاف ويلفيئر ونگ سکر پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪستان زنده باد ريلي

Most Popular