پاڪستان تحريڪ انصاف ويلفيئر ونگ سکر پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪستان زنده باد ريلي

سکر (رپورٽ۔ امداد علي گل ڪلوڙ)پاڪستان تحريڪ انصاف ويلفيئر ونگ سکر پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪستان زنده باد ريلي ڦوهارا چوڪ کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ڪارڪنن پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي ايازصادق ۽ مودي خلاف نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ  پي ٽي آئي نادرن سنڌ سکر ريجن جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري  ڊاڪٽر  ربنواز ڪلوڙ۔ويلفيئر ونگ ضلعي صدر سيف علي ڀٽو۔ سيد عبدالرب  هاشمي ۔ميان خيرالدين۔عبدالجبار جتوئي۔پرويز احمد ڪلوڙ۔عاشق قريشي ۽  ٻين چيو ته جڏهن کان عمران  خان  ملڪ جو وزير اعظم ٿيو آھي۔ ن ليگ  وارن جون ڄنگهون ڏڪڻ  لڳيون آھن پاڪ  فوج خلاف  ڳالهائيندڙ ملڪ جا غدار آھن ۽ پاڪستان ۾ غدارن لاء رهڻ جي گنجائش ناهي اڳواڻن حڪومت کان  گهر  ڪئي ته ملڪ جي حفاظت لاء جانيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج خلاف بيان ڏيندڙن کي سخت سزا ڏئي پاڪ فوج  ۽  محب وطن عوام جو مان مٿاهون ڪيو  وڃي

Read Previous

آل پاڪستان مري اتحاد پاران سڪرنڊ پوليس جي چڙهائي دوران ٻن معصوم ٻارڙن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سرسو پاران سنڌ ۾ سُهانجڙو وڻڪاري مهم هيٺ ڳوٺن ۾ 656 نرسرين جي قيام ذريعي 300000 ٻوٽا تيار ڪري ورهايا ويا

Most Popular