آمريڪي رياست نيواڊا ۾ فائرنگ: حملي آور سميت چار ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن:  آمريڪي رياست نيواڊا ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ حملي آور سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا. آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو نيواڊا رياست جي شهر بينڊرسن ۾ پيش آيو. ميڊيا رپورٽن موجب جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته اتي هڪ هٿياربند شخص مليو جنهن کي هٿيار اڇلڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو راضي نه ٿيو جنهن کان پوءِ پوليس ۽ هٿياربند شخص وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. مقامي پوليس واقعي ۾ حملي آور سميت 4 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملي آور پوليس جي فائرنگ سبب مارجي ويو.  ميڊيا رپورٽن موجب فائرنگ جي واقعي ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي جا سبب اڃان تائين خبر نه پئجي سگهيا آهن پر واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Read Previous

حڪومت ڪير ٺاهيندو يا ڪيرائيندو ان جو اختيار ڪنهن اداري کي ناهي: مريم نواز

Read Next

آمريڪي چونڊن بابت ٽوئٽ تي مهوش حيات ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻجي وئي

Most Popular