ڳوٺ محمود مھيسر ۾ ڀاءُ پاران مبينه طور تي ملڪيت خاطر پنھنجي ڀيڻ کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) ٻانڌي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمود مھيسر ۾ ڀاءُ پاران مبينه طور تي ملڪيت خاطر پنھنجي 45 ورھين جي غير شادي شده روبينه مھيسر کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، اھڙو انڪشاف مقتول روبينه جي ننڍي ڀيڻ نصرت مھيسر نوابشاهه پريس ڪلب پھچي ٻڌايو ته 2 نومبر تي منھنجي ڀاءُ منير مھيسر منھنجي ڀيڻ روبينه کي شھدادپور مان ڳوٺ گھرايو ته توکي زمين جا پئسا ڏيان ٿو پر ان کي پئسن ڏيڻ بجاءِ منھنجي ڀاءُ منير مھيسر گھٽا ڏئي بيھوش ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن مان شھدادپور مان پھتيس تي منھنجي ڀيڻ ھڏڪيون ڀري رھي ھئي ۽ مونکي چيائين ته ڀاءُ منير مونکي گھٽا ڏنا آھن ۽ پوءِ ھو فوت ٿي وئي، جڏھن مان رڙيون ڪيون ته منھنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آھي ته مونکي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو ۽ مرد جڏھن جنازي تي ويا ته مان وجه وٺي نڪري آيس ۽ پوليس وٽ ويس ته پوليس مونسان انصاف ڪرڻ بجاءِ منھنجي ڀيڻ جي قاتل کي بچائي رھي آھي، ھن چيو ته مونکي جوابدار منير مان جان جو خطرو آهي، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري مونکي تحفظ ڏنو وڃي ۽ منھنجي ڀيڻ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي الزام ھيٺ آيل منير مھيسر ٻڌايو ته ھي اسان جي ڀيڻ آھي ليڪن ھن شھدادپور واسي مجيد چانڊيو سان شادي ڪئي جيڪا ان سان گڏ رھندي ھئي جتي ھو بيمار ٿي پئي ته اسان وٽ رھڻ لڳي جنھن جو ذھني توازن به صحيح نه ھو ۽ ھو ڪاري سائي وگھي مري وئي آھي، نصرت ڪوڙو بيان ڏئي مونکي ڦاسائي رھي آھي.

Read Previous

قاضي احمد پاران جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ سيد آصف علي شاھ جيلاني جي صدارت هيٺ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي

Read Next

پاڪستان پيپلز پارٽي سپاف حيدرآباد ڊويزن جو اڳوڻو صدر مرحوم نظير احمد سيال جي ٻئين ورسي تقريب سندس اباڻي ڳوٺ پانڌي خان سيال ۾ ٿي گذري

Most Popular