پاڪستان پيپلز پارٽي سپاف حيدرآباد ڊويزن جو اڳوڻو صدر مرحوم نظير احمد سيال جي ٻئين ورسي تقريب سندس اباڻي ڳوٺ پانڌي خان سيال ۾ ٿي گذري

دادو(رپورٽ:(محمد علی شیخ) پاڪستان پيپلز پارٽي سپاف حيدرآباد ڊويزن جو اڳوڻو صدر مرحوم نظير احمد سيال جي ٻئين ورسي تقريب سندس اباڻي ڳوٺ پانڌي خان سيال ۾ ٿي گذري جنهن ۾ پ پ ضلعي بينظير آباد جي صدر چاچا علي اڪبر جمالي، پ پ تعلقه سيوهڻ جي صدر امان الله شاهاڻي، اسلم سهتو، پ پ تعلقه دادو جو صدر ايم عمر پنهور، پ پ اڳواڻ حافظ اشفاق، رفيق احمد ميراڻي، غلام مرتضيٰ ڳورڙ، مرتضيٰ قمبراڻي، نور محمد پنهور، عبدالمطلب پنهور، مختيار بروهي، انور ملاح، سگا اڳواڻ عليم دائودپوٽو، منظور کوسو، دادو پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر سينئر صحافي ولي چانڊيو،سينئر صحافي سرور جلال سولنگي پاڪستان پيپلز ڊاڪٽر فورم ضلعي صدر ڊاڪٽر امجد مستوئي، واجد ملاح، اعجاز چانڊيو، محمد هاشم لانڍر، قربان سيال، مقيم جمالي سميت وڏي انگ ۾ پ پ اڳواڻن، ڪارڪنن شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته موت بر حق آهي هر انسان تي اچڻو آهي انسان جي مري وڃڻ بعد هر ماڻهو جو ڪردار ئي هوندو آهي ان تي کيس ياد ڪبو آهي. مرحوم ۽ ان جو ڪردار اڄ به اسان سان گڏ آهي هنن چيو ته مرحوم نظير احمد سيال ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ کي مڃرايو ۽ سپاف اسٽوڊنٽ فيڊريشن يونٽ کان شروعات ڪئي ۽ حيدرآباد ڊويزن جو صدر چونڊجي ويو ۽ ضلعي مڌر ونگ ۾ انفارميشن سيڪريٽري جو اميدوار پڻ هو ۽ پارٽي پاران جيڪا هن کي ذميواري ملي هن سهڻي نموني سان نڀائي، هنن چيو ته مرحوم جو جيڪو ڪردار هيو ۽ پارٽي ۾ جيڪا خدمت ڪئي اها ڪڏهن به وسارڻ جهڙي ناهي مرحوم پارٽي جو سرمايو هيو هنن چيو ته مرحوم هڪ اٽل ماڻهو هيو ۽ هن پارٽي سان جيڪا ڪمينٽمينٽ ڪئي اها هميشه پوري ڪئي.

Read Previous

ڳوٺ محمود مھيسر ۾ ڀاءُ پاران مبينه طور تي ملڪيت خاطر پنھنجي ڀيڻ کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

Read Next

جي يو آء اڳواڻ مولانا سليم الله بروهي جو تعلقي جي مختلف يونٽن جو دورو.

Most Popular