جي يو آء اڳواڻ مولانا سليم الله بروهي جو تعلقي جي مختلف يونٽن جو دورو.

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)جي يو آء اڳواڻ مولانا سليم الله بروهي جو تعلقي جي مختلف يونٽن جو دورو. 13نومبر تي منعقد ٿيل عشق رسول صله و دفاع صحابه رضه جي دعوت ڏني. تفصيل موجب جمعيت علماء اسلام تعلقه ڳڙهي خيرو جي امير مولانا سليم الله بروهي, سٽي امير اسدالله حيدري,مولانا شفيع محمد همايوني,عرفان علي لهر, حافظ شاهد حسين بروهي,قاري ثناءالله جمالي ۽ عبدالحڪيم ميرجت جي اڳواڻي ۾ وفد 13 نومبر 2020 بعد نماز عصر گلشن شهيد اسلام جامعه حقانيه و جامع مسجد شيراز ۾ رکيل پروگرام عشق رسول صله و دفاع صحابه رضه ڪانفرنس جي سلسلي ۾ رسول آباد, گلاب ماڙي, دوداپور, ڳوٺ شاهمراد جکراڻي, ڳوٺ محمد صلاح بروهي, ڳوٺ مبارڪ بروهي سميت مختلف علائقن جو دورو ڪري مسلمانن ڪانفرنس جي دعوت ڏني ان سلسلي ۾ جماعتين ڀرپور شرڪت جي يقين دهاني ڪرائي. ڪانفرنس ۾ مهمان خاص جانشين شهيد اسلام علامه ناصر خالد محمود سومرو, حاجي امدادالله ڦلپوٽو, مولانا طاهر خالدمحمود سومرو, مولانا طارق خالدمحمود سومرو, مولانا منير احمد ڊومڪي, مولانا جمال مصطفي تنيو, مولانا حافظ محمد الياس چنه, اظهارالحق صديقي سميت ٻيا ڪافي علماء ۽ نعت خوان جلسي ۾ شرڪت ڪندا.

Read Previous

پاڪستان پيپلز پارٽي سپاف حيدرآباد ڊويزن جو اڳوڻو صدر مرحوم نظير احمد سيال جي ٻئين ورسي تقريب سندس اباڻي ڳوٺ پانڌي خان سيال ۾ ٿي گذري

Read Next

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چیف جسٹس محمدعلي جو سنڌ جي تفریحي سیاحتي ماڳ گورک ھل اسٽیشن تي امڪاني دوري جي پروگرام ۾ سنڌ حڪومت گورک اٿارٽي. عملي ۽ ضلع انتظامیہ دادو جون ننڊون حرام ٿي ويون

Most Popular