سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چیف جسٹس محمدعلي جو سنڌ جي تفریحي سیاحتي ماڳ گورک ھل اسٽیشن تي امڪاني دوري جي پروگرام ۾ سنڌ حڪومت گورک اٿارٽي. عملي ۽ ضلع انتظامیہ دادو جون ننڊون حرام ٿي ويون

سنڌ ھاءِ  ڪورٽ جي چیف جسٹس محمدعلي جو سنڌ جي تفریحي سیاحتي ماڳ گورک ھل اسٽیشن تي امڪاني دوري جي پروگرام ۾  سنڌ حڪومت گورک اٿارٽي. عملي ۽ ضلع انتظامیہ دادو جون ننڊون حرام ٿي ويون.   13 سالن ۾ روڊن جي مرمت ۽ ٻين تعميراتي منصوبن جي مڪمل نه ٿيڻ سبب چيف جسٽس سنڌ جي امڪاني دوري تي  روڊن جي مرمت ۽ ٻيا تعميراتي ڪم ڏينهن  رات جاري آھن.سنڌجي مري   گورک ھل جي  ترقي تفریحي سھولتن جي لاءِ  ساليانہ اربين روپيا بجيٽ جاري ٿيڻ تي چیف جسٹس سنڌ پاران  نیب کي تحقیقات لاءِ حڪم ڏيڻ باوجود ڏيڍسال تائين جانچ پوري نه ٿي سگھي. سنڌ حڪومت ۽ گورک ھل اٿارٽي چئرمین پ پ ايم اين اي  رفیق احمد جمالي.  آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي  ملي ڀڳت سان ڪرپشن جاري آهي جنهنڪري 13 سالن کان ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿي سگھيا.جنهن  ۾ پيئڻ جوصاف پاڻي اسپتال. پوليس اسٽيشن. روڊ ۽ وڻ لڳائڻ وارا ڪم اڌورا رھجي ويا آهن ۽ جيڪو به ڪم ٿيو ان ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيو آهي  جڏهن  ته ھر سال بجيٽ ملڻ باوجود ڪم صرف ڪاغذي ڪارواين تائين محدود آهي ۽ اربين روپين جي ڪرپشن ٿيڻ تي گورک بچايو ایڪشن ڪامیٹي جو سالن کان احتجاج پڻ جاري آهن اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نيب ۽ ٻين ادارن جانچ ڪرڻ بدران پنهنجو  حصو پتي وٺي خاموش آهن. ته آفيسرن ۽ ٺيڪيدار ڪمپنيون ھينئر جج جي دوري جو ٻڌي وري به غير معياري ڪم جاري آھي جنهن ۾ ٺيڪيدار اسلم ڪاڪڙ ۽ فيفڪو ڪمپني ۽ ٻيا شامل آهن ھنن ايتري ته ڪرپشن ڪئي آهي   ھنن چيو ته فورن گورک ھل اسٽيشن  جي عملي ۽ ٺيڪيدارن خلاف قانوني قدم کڻي سرڪاري لٽيل خزانو واپس ڪرائي تفريحي ماڳ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي جوھي جون سڄاڻ ڌريون چيف جسٽس سنڌ  اڳيان  احتجاج ڪري سندن پول پڌرا ڪنداسين.

Read Previous

جي يو آء اڳواڻ مولانا سليم الله بروهي جو تعلقي جي مختلف يونٽن جو دورو.

Read Next

خيرپور ۾ پسند پرڻو ڏوهه بڻجي ويو، پيار جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي ڀيڻ جي فرياد تي پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ سندس جي ڀاءُ مٿان زنا ايڪٽ تحت ڪيس داخل

Most Popular