ڪورونا وبا دوران مان جيل ۾ ڪيئن رهيس اها منهنجي رب کي خبر آهي: حمزه شهباز

لاهور:   مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته  مان جيل ۾ ڪيئن رهيس اهو منهنجو رب ڄاڻي ٿو. احتساب عدالت لاهور ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي تي جوابدار کي ڇو پيش نه ڪيو ويو؟ جنهن تي ايس پي هيڊ ڪوارٽر موقف اختيار ڪيو ته جوابدار بڪتر بند گاڏي ڏٺي ته ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. عدالت پڇاڻو ڪيوته تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي جو جوابدار انڪار ڪري ڇڏيو هجي ته هو نٿو وڃي ايس پي هيڊ ڪوارٽر جواب ڏنو ته  اهو تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو پر پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي.  عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي اهڙي عمل سان  ثابت ٿيو ته رياست ناڪام ٿي وئي آهي. عدالت ايس پي هيڊ ڪوارٽر جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي طريقيڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان اڳ ڪنهن عدالت ۾ پيش ٿيا آهيو؟ ڇا اوهان هتي ڪو جهيڙو ڪرڻ آيا آهيو جو  اوهان جون آستينون مٿي آهن. جنهن تي ايس پي هيڊ ڪوارٽر عدالت کان غير مشروط معافي گهري. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز عدالت کي ٻڌايو ته مان 17 مهينن کان عدالت جي آڏو پيش ٿي رهيو آهيان ۽ ڪڏهن  به اهڙو واقعو ناهي ٿيو جو مان انڪار ڪيو هجي.  هن چيو ته کاتي کي خبر آهي ته منهنجي چيلهه ۾ تڪليف آهي پر هي ڄاڻي واڻي بڪتر بند گاڏي کڻي آيا آهن. جنهن ۾ جمپ اچڻ کان پوءِ منهنجو مٿو ڇت سان لڳندو آهي. مان ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪندو رهيس پر گاڏي تبديل ناهي ٿي. هن چيو ته عدالت کي اگاهه ڪيو آهي ته مون کي ڪورونا ٿيو پر ان وقت به مون کي طبي امداد نه ڏني وئي ۽ مان ڪورونا دوران جيل ۾ ڪيئن رهيس اها مون کي خبر آهي يا منهنجي رب کي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار کي جيل ۾ آڻڻ جي لاءِ قانون  ڪو قانون يا ايس او پيز موجود آهي؟  جنهن تي ايڊيشنل هوم سيڪريٽري ٻڌايو ته اهڙو ڪوبه قانون  يا ايس او پيز ناهي. عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري کي جوابدار کي پيش ڪرڻ جي لاءِ ايس او پيز ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اوهان عدالت ۾ پيش ٿيندڙ جوابدارن کي پيشي جي لاءِ ايس او پيز ٺاهيو ۽ جوابدارن کي پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڪلاس ناهي ٺاهي ته اها به ٺاهيو.  جنهن کان پوءِ عدالت رمضان شوگرملز ريفرنس تي ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.

Read Previous

ڪراچي: 7 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن جو اشتهاري دهشتگرد گرفتار

Read Next

ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس: سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

Most Popular