سجاول ۾ جاگرتا سوشل نيٽ ورڪ پاران ´ روشن مستقبل جي واٽ `جي عنوان ھيٺ جاگرتا سيمينار ٿي گذريو

سجاول (رپورٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ جاگرتا سوشل نيٽ ورڪ پاران ´ روشن مستقبل جي واٽ `جي عنوان ھيٺ جاگرتا سيمينار ٿي گذريو جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين سول سوسائٽي جي ماڻهن سوشل ورڪرن صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مقررن  خطاب ڪندي چيو ته سجاول ضلعي ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ آھي جيڪي نوجوان پڙھيل لکيل آھن انهن کي نوڪريون نٿيون ملن جڏھن ته سجاول کي ضلعي جو درجو ملڻ کانپوء به مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ٻين علائقن جي ماڻهڻ کي ڀرتي ڪري سرڪاري ادارن ۾ موڪليو پيو وڃي جيڪو عمل ھن علائقي جي نوجوانن سان ظلم برابر آھي ۽ انهن جي سراسر حق تلفي ٿي رھي آھي جيڪڏھن وڌيڪ چيو ته ھي جاگرتا مهم شروع ڪئي وئي آهي اسان ھرگز پنھنجي مطالبن تان نہ هٽنداسين تعليم.روزگار.صحت انساني حقن جي حاصلات لاءِ سرگرم رھنداسين. پنهنجي اظهار ۾ چيو ته تعليم جي واڌاري  لاء ۽ مقامي بيروزگارن جي ھمٿ افزائي ۽ انهن کي وڌيڪ تعليم پرائڻ جي تلقين ڏيڻ سميت روزگار لاء ھنر سکڻ ۽ مقامي چونڊيل نمائيندن ۽ عملدارن جو ھن طرف ڌيان ڇڪائڻ لاء تقريب سڏائي آھي تقريب ۾ سماجي اڳواڻ  ڊاڪٽر ھوتچندجي يو آئي جي اشرف ميمڻ،شھتر اتحاد جي اڪرم ميمڻ،منير ميمڻ .ايس ٽي پي جي ممتاز لغاري،سوشل ورڪر اميربخش قمبراڻي. ڪفايت جان ھوڙائي ،۽ ٻين پڻ  خطاب ڪري وڌندڙ بيروزگاري ۽ تعليم جي واڌاري بابت ڳالهايو سيمينار ۾ سنڌ ملاح فورم جي حاجي جاڙو ملاح.شاعر عبد سنڌي.شاداب جوڻيجو.شيراز ملاح.غلام ھٿيارسميت وڏي تعداد۾ سوشل ورڪر.صحافين.انساني حقوق اڳواڻن.شھرين . شرڪت ڪئي .

Read Previous

چونڊ نتيجا تبديل ٿي ويندا، منهنجي سوڀ يقيني آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

Read Next

ملاح برادري پاران پوليس جو ملازم جي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ خلاف وارثن جو سجاول ٿاڻي جي اڳيان احتجاجي مظاھرو

Most Popular