ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ جو ڪم غير تسلي بخش ڪچو پٿر استعمال روڊ جي تڪميل کان پهريان ٽٽڻ جو خدشو

ڪنڌرا ( رپورٽر ) ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ جو ڪم غير تسلي بخش ڪچو پٿر استعمال روڊ جي تڪميل کان پهريان ٽٽڻ جو خدشو تفصيل موجب ڪنڌرا کان سنڌ جي مشهور صوفي شاعر روحل فقير جي شهر ڪنڊڙي جي طرف ويندڙ روڊ جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ لڳو پٿر جي وڇائي ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر پختو ۽ مضبوط هجڻ بجاءِ ڪچو ۽ ڀرندڙ پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي ان کان علاوه روڊ جي پاسي ۾ روڊ کي محفوظ رکڻ لاءِ جيڪي سرون استعمال ڪيون پيون وڃن اهي ڀيليون ۽ مڪمل ناڪاره استعمال ڪيون پيون وڃن خبر ناهي ڪروڙن روپين جو ٺيڪو نواب خان پٺاڻ کي ڪهڙي سورس تحت ڏنو ويو آهي سول سوسائٽي پاران خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي ته  ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ ۾ ڪٿي وري ڪرپشن نه ڪئي وڃي ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ جي ھلندڙ ڪم جو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ڄاڻو ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته نواب پٺاڻ اڳ ۾ به روڊن جي ٺيڪن مان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري چڪو آهي نيب سکر سندس جي خلاف جاچ ڪري ۽ ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ جو ڪم بھتر طريقي سان ڪرائي کيس جلد مڪمل ڪيو وڃي جئين غريب عوام سھولت سان سفر ڪري سگھي

Read Previous

ڪنڌرا لڳ داراواهڻ جي گورنمنٽ ڪيمپس پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي ڇت ۽ ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن

Read Next

روشني پبلڪ اسڪول مقيم ڪيريو جي سوين شاگردن کي درسي ڪتاب نه مليا ٻارڙن جي تعليم تباھ

Most Popular