متحده باني جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد:   وفاقي جاچ ايجنسي(ايف اءِ اي) متحده باني الطاف حسين جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جي دهستگردي جي انت واري ونگ 1210 انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ متحده باني الطاف حسين جو نالو به شامل آهي.  ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل ريڊ بڪ ۾ الطاف حسين، افتخار حسين، محمد انور ۽ ڪاشف ڪامران جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.  چئني جوابدارن تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جو الزام آهي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز جي اثاثن جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا

Read Next

فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون:مريم نواز

Most Popular