صوبائي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ عوامي مسئلن طرف ڌيان نه هجڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن : مبين احمد جتوئي

سکر( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان تحريڪ انصاف نادرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي چيو آهي ته ڪشمور ۾ 4 سالن جي معصوم ٻارڙي عليشا سان اجتماعي زيادتي وارو افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. صوبائي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ عوامي مسئلن طرف ڌيان نه هجڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن. هن اهڙيون ڳالهيون تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عزيز ابڙو، منور چوها، اصغر ٽانوري، بلال سومرو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. مبين احمد جتوئي چيو ته ڪشمور ۾ 4 سالن جي ٻارڙي عليشا سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ جوابدارن مان رڳو هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پ پ ايم پي اي احسان مزاري جوابدارن جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي نااهلي سبب سنڌ ۾ ٻارڙين سان زيادتي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ٻارڙي ۽ سندس والدا سان جنسي زيادتي ڪندڙ سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

Read Previous

پنوعاقل : چونگاھ چوڪ ڀرسان ڪوچ جو ڊاٽسن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوُران ڪوچ ڪلٽي 9 مسافر زخمي

Read Next

سالياني ايوارڊ تقريب ڪرونا وبا جاکوڙين لاءِ اعزاز ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي دستار بندي

Most Popular