سالياني ايوارڊ تقريب ڪرونا وبا جاکوڙين لاءِ اعزاز ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي دستار بندي

سالياني ايوارڊ تقريب ڪرونا وبا  جاکوڙين لاءِ اعزاز ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي دستار بندي زماني جو دستور آهي ته ڪنهن به ڪردار کي جيڪڏھن سندس ڪارڪردگيء  جي بنياد تي ڪا مڃتا ملي پوءِ چاهي ايوارڊ جي صورت ۾ هجي ، رهاڻ هجي يا ڪنهن به قسم جي مڃتا ته فطري عمل آهي ته صاحب ايوارڊ کي ته يقيناََ خوشي ٿيندي پر ٻه ٻيا فائدا ٿيندا جنهن جو سماج تي هاڪاري اثر پوندو هڪ اهو ته ايوارڊ ماڻيندڙ ۾ وڌيڪ حوصلو پيدا ٿيندو ٻيو ته معاشري ۾ رِيس پڻ پيدا ٿيندي پر بد قسمتيءَ سان اهڙا ادارا ۽ شخصيتون موجوده نفسا نفسا واري دور ۾ پري پري تائين نظر نٿيون اچن جيڪي سماج جي انهن متحرڪ ڪردارن کي مڃتا ڏين اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ڪو ادارو ڪو ڪردار ادا ڪري ٿو ته اهو ڪنهن ڪمال کان گهٽ ناهي بلڪل اهڙو ئي ادارو شاھ سچل سامي فائونڊيشن آهي جنهن جا هونءَ ته کوڙ سارا ڪم آهن جنهن تي هيئنر نٿو لکي سگهجي پر سندس نمايان ڪم جيڪو تاريخ بنجي ويو سو آهي ڪورونا (ڪووڊ 19) دوران پنهنجيون زندگيون داءُ تي لڳائي ماڻھن جون زندگيون بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انهن جي حوصله افزائي لاءِ کين مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو ڪيل فيصلو جيڪو ظاهري آ سڄي سنڌ جي هيروز کي ڏيڻ ته ممڪن نٿو ٿي سگهي پر ضلعي شهيد بينظيرآباد جي هيروز کي ايوارڊ جو اهتمام ڪيو ويو ۽ ڪووڊ دوران بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر نوابشاھ ابرار احمد جعفر جي دستاربندي جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ هڪ انتهائي شاندار تقريب گلوبل بينڪيوٽ نوابشاھ ۾ رکي وئي جنهن جو مهمان خاص ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھ جن هئا ھال کي انتهائي خوبصورت نموني سينگاريو ويو هو پروگرام جي ڪمپيئرنگ معروف ڪمپيئر ثاقب ابڙو جن ڪئي جڏھن ته سندس ساٿ ايڊوڪيٽ ڪليم احمد پڻ وقفي وقفي سان ڏيندو رهيو آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ سنڌي دهلن ۽ شرنائين سان ڪيو ويو ثاقب ابڙو پروگرام جو اغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ڪرائڻ بعد نعت رسول مقبول صليٰ الله وسلم پيش ڪرائي جنهن کان پوءِ تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو تقريرن دوران ملڪ جي نالي واري فنڪار مرحوم علڻ فقير جو فرزند فهيم علڻ فقير پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو جنهن سان پروگرام کي وڌيڪ چار چنڊ لڳي ويا جنهن جي ڪري ئي شام ستين کان رات هڪ وڳي تائين هلندڙ پروگرام ۾ بوريت محسوس نه ٿي پروگرام تي ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھ چيو ته ڪردار انسان کي هميشه زنده رکندو آهي خاص ڪري اهي ڪردار کيرون لهڻ جن ڪووڊ 19 ۾ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عام ماڻھن کي هن بيماري کان بچايو هن چيو ته ڪورونا سان جهيڙيدي زندگيءَ جا کوڙ سارا تجربا ٿيا توڙي جو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو نئون تجربو پڻ ٿيو پر ڪورونا کانسواءِ زندگيءَ ۾ ڪافي شيون سکڻ ۽ ڪرڻ پڻ مليون ڊپٽي ڪمشنر نوابشاھ ابرار احمد جعفر چيو ته مون وٽ لفظ ناهن جو مان پنهنجا احساسات يا جذبات اوهان سان شيئر ڪري سگهان هڪ ته ڪووڊ 19 جي خاتمي ۾ ڪيل ڪوششن عيوض مونکي مڃتا ايوارڊ ۽ دستار بندي سان نوازيو ويو ٻيو لالا ارشد خاصخيلي جنهن نموني اسان سان ڪووڊ 19 ۾ سهڪار ڪيو اها به تاريخ آهي هن چيو ته اڄوڪي تقريب ان ڪري به اهميت واري آهي جو هن ۾ مها شخصيتن کي سندن خدمتن عيوض ايوارڊ ملي رهيا آهن جنهن سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿئي ٿي ان کان اڳ شاھ سچل سامي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيٽو لالا ارشد خاصخيلي آيل مهمانن کي ڀليڪار چوڻ سان گڏ پروگرام جي مقصد تي ڳالهائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ انتظاميه جنهن نموني ڪورونا جي روڪٿام ۾ ڪردار ادا ڪيو انهن کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجو اخلاقي فرق سمجهي هي پروگرام ترتيب ڏنو جڏھن ته ضلعي انتظاميه کانسواءِ صحت کاتي ۽ صحافين پڻ پاڻ ملهايو جن جي حوصله افزائي لاءِ کين مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ان موقعي تي سينئر صحافي اسماعيل ڊومڪي شاھ سچل سامي جي ڪارڪردگي تي تفصيلي ڳالهايو جن مهان شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ هيٺيون شخصيتون شامل آهن سينئر صحافي قاضي جاويد سنائي، ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ابراراحمد جعفر، برگيڊيئر محمد رمضان ( سنڌ رينجرز)، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، مبين احمد پرهياڙ، غلام رضا زرداري، ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، راضي خان جمالي، ڊاڪٽر سعيده رشيد بلوچ، امجد علي قاضي، حاجي محمد عظيم مغل، رئيس عاشق حسين زرداري، خالد سعيد پنهور، ذوهيب زرداري، جنيد حميد سمون، طارق علي سولنگي، قمر النسا ڌامراه،ڊاڪٽر ذوالفقار شاهاڻي،ڊاڪٽر يارعلي جمالي، ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ، رئيس حبدار علي زرداري، قاضي جاويد سنائي، منظوراحمد ٻگھيو، اي ڪي ڏاهري، غلام سرور خاصخيلي، ذوالفقار انڙ، محمد اسماعيل ڊومڪي،نياز چانڊيو،ظفر علي زرداري، راشد علي چانڊيو، شهزاد جسڪاڻي، محمد صديق منگيو، محمد زبير ملاح،ڊاڪٽر دولت جمالي،ڊاڪٽر عزيز سهتو ميڊم شهناز لاکو، ميڊم صنم يوسف پرهياڙ، ميڊم نسيم مستوئي،ڊاڪٽر امينا بروهي، ڊاڪٽر انيلا بروهي، اياز ڏاهري، امير چانڊيو، منظور احمد شيخ، پروفيسر محمد خان ڀنگوار،ايڊوڪيٽ غلام مرتظيٰ سمون، محمد فراز ميمڻ، مدثر حسين، ميڊم سائرا صدف، ڊاڪٽر غلام سرور خاصخيلي، ڪاشف ڀٽي، صابر حسين قريشي، غلام سرور چاچڙ، محمد ڪليم جٽ، ميڊم نرگس ٽانوري، ميڊم عظمه ڪمبوه،ميڊم ثمرين حميد، علي احمد جٽ، سارنگ سنڌو، مينهان خان رند، عبدالرحمن، عبدالحميد جلباڻي، خان محمد مري، ڪاظم آفتاب، ملڪ سعيد تنور، ايڊوڪيٽ جي ايم جمالي، آصف لاشاري، نياز لاشارر ، وسيم آرائين، نياز لاشاري، ايڊوڪيٽ جي ايم خاصخيلي، ايڊوڪيٽ علي رضا چنا، قاري ساجد اويسي، عارف علي بروهي، قاري حافظ مقصود چشتي، راو محمد رفيق، ذوالفقار عزيز ميمڻ،حسن عباس عرفان علي گھمرو، جنيد خانزادا، نعيم ملاح، سعيد جان بلوچ، عبدالخالق، قربان عمراڻي، پرويز عظيم، غلام نبي ڀنڀرو، اڪرم شهزاد الله رکيو سيال سميت مختلف شبعن سان سلهاڙيل شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. ڪرونا وائرس سبب وفات ڪندڙ ڊاڪٽر معين احمد شيخ ۽ سيد علي محمد شاهه لڪياري جا ايوارڊ سندن فيملي جي ماڻهن وصول ڪيا.

Read Previous

صوبائي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ عوامي مسئلن طرف ڌيان نه هجڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن : مبين احمد جتوئي

Read Next

قاضي احمد : سرڪاري اسپتال ۾ اڳوڻي ضلع چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ پاران مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

Most Popular