چيئرمين هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي انساني حقن جي ڪيمشن جي وفد سان خيرپور پهچي وئي

خيرپور (ڊر) چيئرمين هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي انساني حقن جي ڪيمشن جي وفد سان خيرپور پهچي وئي، ڊي سي آفيس خيرپور جي درٻار هال ۾ ضلعي انتظاميه، سماجي بهبود، عورتن جي خوشحالي ۽ ترقي کاتي، پوليس، تعليم، زراعت، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سميت عوامي مسئلن جي حل لاءِ عورت اڳواڻن سان اجلاس ۽ ملاقات، عوامي مسئلن جي حل لاءِ نڪتا آهيون انساني حقن جي لتاڙ برداشت نه ڪئي ويندي، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي انهن جا مسئلا چائٺ تي حل ڪرڻ ڪميشن جو مقصد آهي. ڪميشن پاران ڪرونا وائرس ڪووڊ 19 کان اڳ ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو تفصيل سان جائزو وٺڻ به انهن نقطن ۾ شامل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي سي آفيس ۾ اخبار وارن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي، ايس ايس پي امير سعود مگسي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، اي ڊي سي ظفر عباس عباسي سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر وڏي انگ ۾ موجود هئا. جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي چيو ته ڪميشن جو مشن بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ جن جو ذڪر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973 جي آئين ۽ عالمگير اعلان ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ آهي، هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جي تحفظ جي حوالي سان موجود محافظن جي سجاڳي کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، سيمينار ۽ ٻين موجود وسيلن ذريعي ترقي ڏيارڻ آهي ۽ اين جي اوز جي ڪمن ۾ حوصلو وڌائڻ به شامل آهي. هن چيو ته حڪومت جي منظوري سان اهڙا عملدار ۽ عملو مقرر ڪرڻ جيڪو هن ايڪٽ جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هجي. ان سلسلي ۾ هيومن رائٽس ڪميشن جو دفتر سکر ۾ به قائم ڪيو وڃي ٿو ته جئين غريب ۽ بي پهچ ماڻهو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سکر دفتر ۾ اچي پنهنجي شڪايتون ۽ درخواستون جمع ڪرائي سگهن. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٿاڻي تي اچڻ وارين عورتن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي ۽ انهن جي ڏک تڪليف جو ازالو اوليت جي بنياد تي ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي چيو ته ضلعي انتظاميه پاران سمورن آفيسن ۾ آفيسرن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ هو پاڻ مختلف وقتن تي دورو ڪندو آهي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ ڪمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. ايس ايس پي امير سعود مگسي ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس کاتي پاران ضلعي ۾ جاري مختلف قبيلائي جهڙن کي خاتمي لاءِ اپائن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو پيو وڃي ان سلسلي ۾ امن و امان قائم ڪرڻ سان گڏ ايس ايس پي آفيس ۾ هيومن رائٽس ڪمپلينٽ سيل پڻ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي نگراني لاءِ فرض شناس آفيسر مقرر ڪيل آهن. ان کان علاوه ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو بريفنگ ڏيندي چيو ته صحت کاتي پاران سمورن انسانن کي هڪ نظر سان ڏسيو پيو وڃي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي آهي ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال، ليڊي ولنگٽن اسپتال، سول سٽي اسپتال سميت ضلعي جي سمورن صحت مرڪزن ۾ عورتن کي خاص طور تي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هو پاڻ نگراني ڪندو آهي ۽ روزاني جي بنياد تي صحت مرڪزن جي ڪارڪردگي رپورٽ پڻ گهرائي جائزو وٺبو آهي.

Read Previous

پوليو کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ صحت، تعليم، ۽ ٻين ادارن آفيسرن کي گڏجي ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻو آهي: ڪمشنر سکر ڊويزن ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر

Read Next

وفاقي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن،ايندڙ وقت پيپلزپارٽي ۽ عوام جو آهي : ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني

Most Popular