رڪشا بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو

نوابشاھه(رپورٹ:دانش حیدر) رڪشا ڊرائيور ۽ مالڪن پاران نواب شاھ ۾ ٽرئفڪ پوليس خلاف صفدر ڪيريو اويس سيال رمضان بروھي جي اڳواڻي ۾ نواب شاھ پريس ڪلب اڳيان رڪشا بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بيروگاري غُربت ۽ تنگ دستي سبب رڪشو هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪيون ٿا پر ٽرئفڪ پوليس اسان جي لاءِ ڌرتي ٽامو بڻائي ڇڏي آهي هنن چيو ته ٽرئفڪ پوليس اهلڪار اسان کان زبردستي ڀتو وٺن ٿا ۽ اڪثر اسان مسڪينن کي بيگر ۾ به رولائين ٿا ۽ شهر ۾ سواري کڻڻ به نٿا ڏين جنهن ڪري اسان معاشي تنگي جي ور چڙهي ويا آهيون ھنن اعليٰ انتظاميه کان گھر ڪئي ته ٽرئفڪ پوليس خلاف قدم کڻي اسان مسڪينن سان انصاف ڪري اسان کي ٽرئفڪ پوليس جي ظلمن کان بچايو وڃي.

Read Previous

پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سامهون پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

Read Next

ڪشمور ۾ معصوم عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي

Most Popular