کنڊ، مني لانڊرنگ ڪيس: جهانگير ترين، علي ترين ۽ شهباز شريف جي پٽن خلاف ڪيس داخل

لاهور:   ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جهانگير ترين، علي ترين، حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.  ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف اءِ اي ذريعن موجب ڪيس ۾ امانت ۾ خيانت، فراڊ سميت مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب چئني جوابدارن جي خلاف ايف آءِ اي ۾ کنڊ اسڪينڊل سميت مني لانڊرنگ جي جاچ هلي رهي هئي. جڏهن ته علي ترين، جهانگير ترين، حمزه شهباز، سليمان شهباز جي خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

Read Next

ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ سان فرق نه پوندو، موجوده حڪومت کي گهر موڪلي رهنداسين: مريم نواز

Most Popular