سائينداد کوکر جي رھواسين پاران مردن، عورتن علائقي جي بااثر وڏيري جي ظلمن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) سرھاڙي جي ڳوٺ سائينداد کوکر جي رھواسين پاران مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن خدا بخش کوکر، علي جان کوکر، مسمات مومل، زھران، وزيران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينھن به علائقي جي بااثر وڏيري جي ظلمن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏھن ته احتجاجي مظاهرو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ جي اڳواڻ انيلا رفيق ملاح ۽ رفيق ملاح ھمدردي طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ جيڪو سرڪاري ۽ 40 سال پراڻو آھي جنھن ۾ 40 کان مٿي گھر آھن ليڪن علائقي جو بااثر وڏيرو گل حسن عرف گلو کوکر پنھنجي ساٿي حنيف کوکر ۽ ٻين ساٿين سان گڏ اسان کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ راڪيٽ لانچر سان حملو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، ھنن چيو ته جوابدار ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھن اسان جي ڳوٺ تي قبضو ڪري اتي ڏوھارين جي پاٿاري کولڻ چاھين ٿا، ھنن چيو ته اسان جوابدارن خلاف پوليس وٽ شڪايت ڪئي آهي ليڪن پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري جيڪا اسان سان ناانصافي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سينٽر فار پيس اينڊ ڊويلپمينٽ انيشيئيٽوز پاڪستان ۾ بجيٽ اندر شفافيت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

Read Next

ايس ايس پي خيرپورامير سعود مگسي سان والد مير ممتاز مگسي جي لاڏاڻي تي تعزيت

Most Popular