دادو شاھپور جھانيان شھر جي نوجوان ناري عنايت خاتون ٻگھيو پنھنجي ويجھي عزيز ڀان سيد آباد جي رھواسي محبوب علي ٻگھيو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

دادو ( ڊ ر ) دادو شاھپور جھانيان شھر جي  نوجوان ناري عنايت خاتون ٻگھيو پنھنجي ويجھي عزيز ڀان سيد آباد جي رھواسي محبوب علي ٻگھيو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو ٖ جوڙي اعلیٰ اختيارين کان تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٖ  اخبار وارن سان  ڳالھائيندي چيو ته اسان جي سنگت ڪجھ سالن کان شروع ٿي ۽ شرعي نڪاح پسند  جو پرڻو ڪري ورتو پرمائيٽ جان جا ويري بڻجي ويا آھن.پريمي جوڙي عنايت خاتون ٻگھيو چيو ته مان پنھنجي عزيز محبوب علي ٻگھيو سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي مون کي پنھنجن مائٽن مان خطرو آھي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٖ محبوب علي ٻگھيو چيو ته اسان پيار جو پرڻو ڪيو آھي اسان کي ڪوبه جاني نقصان پھتو ته ان جا ذميوار منھنجي گھرواري جا مائيٽ ھوندا.

Read Previous

ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران اهميت بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو

Read Next

نوشهروفيروز: جمعيت علماءِ اسلام ضلع نوشهروفيروز پاران 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان موٽرسائيڪل جاڳرتا مهم ريلي ڪڍي وئي

Most Popular