دادو ۾ زرعي ڀاڻ ۽ ٻج نقلي وڪامڻ لڳو، زراعت کاتي جي ٽيم جا پاڇا، 40 سيمپل نقلي نڪتا، ٻن واپارين خلاف ڪيس داخل

دادو(رپورٽ ۔محمد علی شیخ ) دادو ۾ زرعي ڀاڻ ۽ ٻج نقلي وڪامڻ لڳو، زراعت کاتي جي ٽيم جا پاڇا، 40 سيمپل نقلي نڪتا، ٻن واپارين خلاف ڪيس داخل، ڪيتريون ئي غيررجسٽرڊ ڪمپنيون سرعام ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪرڻ لڳيون:- دادو ضلع ۾ سوين غير رجسٽرڊ ڪمپنين جا زرعي ڀاڻ ۽ ٻج وڪرو ٿيڻ لڳا آهن ضلعي ۾ 1200 کان مٿي دوڪان کلي ويا آهن.اهڙين   شڪايتن بعد زرعي کاتي جي ٽيم ايگريڪلچر آفيسر محمد امين پنهور جي اڳواڻي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 75 سيمپل حاصل ڪيا جنهن جي ٽيسٽن ۾ 40 سمپل نقلي ثابت ٿيا جيڪي غير رجسٽرڊ پڻ هئا جنهن بعد دادو جي ڪنزيومر ڪورٽ ۽ سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ جعلي ڪمپني جي مالڪ زوهيب شاهه هشمت آرائين پيارو ڳوٺ ۽ نياز پنهور ڦلجي اسٽيشن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن زرعي آفيسر محمد امين پنهور جو چوڻ آهي ته سڄي ضلع ۾ ڪيترائي دوڪاندار غير رجسٽر ڪمپنين جا ڀاڻ ۽ ٻج وڪرو ڪري رهيا آهن حڪومتي حڪمن تي عمل ڪرائيندي سڀني خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن آبادگارن منظور علي،اعجاز علي، نظام الدين، راجا ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته نقلي ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙدوڪاندارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

قاضي احمد شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ دڪانن مان چوري روز معمول بڻجي ويو دڪاندار پريشان پوليس انتظاميان اگھور ننڊ ۾ دڪاندار پاڻ چوڪي ڏيڻ لڳا

Read Next

ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڀنڀرو جي رهواسي عبدالقادر ڀنڀرو جي معصوم پٽ کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو

Most Popular